سنڌ سرڪار پاران لاڪ ڊائون ختم، ڪاروباري سرگرمين جي اجازت

ڪراچي : سنڌ ۾ جاري لاڪ ڊائون ختم ڪيو ويو، سنڌ سرڪار ڪاروباري سرگرمين جي اجازت ڏئي ڇڏي، سينيما، هوٽلز، سياحتي ماڳن تان پابندي ختم ڪئي وئي آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد لازمي قرار ڏنو ويو آهي، لاڪ ڊائون بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته ڪاروباري ۽ تجارتي سرگرميون مڪمل بحال ڪيون ويون آهن، سينيما ٿيٽرز تي لاڳو پابنديون ختم ڪيون ويون آهن، هوٽلز ريسٽورنٽس هفتي جا ست ڏينهن ايس او پيز تحت سروس هلائي سگهندا، هوٽلز ريسٽورنٽس ۾ ماڻهو ايس او پيز تحت وڃي سگهندا، سياحتي هنڌن تي به لڳايل پابندي ختم ڪئي وئي آهي. جڏهن ته شادي هالز، اسڪول 15 سيپٽمبر تائين بند رهندا، سنڌ سرڪار جو چوڻ آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔