چين امريڪا جي يارنهن شهرين تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون

چين 11 هانگ ڪانگ ۽ 11 چيني اهلڪارن تي آمريڪا جي پابندين جي جواب ۾ ، ان جي 11 شهرين تي پابنديون لاڳو ڪيون آهن ، جن ۾ آمريڪي ڪانگريس جا ميمبربه شامل آهن. .
چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان زائو لي جيان بيجنگ ۾ پريس بريفنگ ۾ چيو آهي ته چين انهن ماڻهن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪي هانگ ڪانگ سان لاڳاپيل معاملن ۾ جارحيت ڏيکاري رهيا آهن.
واضع رهي ته ٻنهي ملڪن ۾ هانگ ڪانگ واري معاملي تي ڇڪتاڻ هر ايندڙ ڏينهن سان گڏ وڌي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔