ڀارتي فوج جي بربريت، پاڪستاني هئڻ جو الزام لڳائي 3 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو

سري نگر: ڀارت معصوم ڪشميري خاندان تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي ۽ پاڪستاني هئڻ جو ڪوڙو الزام لڳائي 3 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو .

شهيد ڪشميرين جي گهروارن ٻڌايو ته 18 ورهين جو ابرر گجر ،21 سالن جو امتياز گجر ۽ 25 ورهين جو ابرار خان 16 جولاءِ تي ڪم جي ڳولها ۾ سري نگر وڃڻ لاءِ پنهنجي گهران نڪتا هئا جنهن کانپوءِ انهن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي.

والاريل ڀارتي فوج جو چوڻ هو ته 3 نوجوان 18 جولاءِ تي هڪ جهڙپ ۾ ماريا ويا آهن

والاريل فوج پاڻ ئي انهن جي تدفين به ڪري ڇڏي ،بعد ۾ انهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي ڏٺيون ته انهن جي گهروارن کي خبر پئي ته انهن جي پيارن کي شهيد ڪيو ويو آهي .

گهروارن ثبوت طور شهيد ٿيلن جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔