ڀارت ۾ مسافر جهاز حادثي جو شڪار، 20 ڄڻا فوت ڪيترائي زخمي

ڪيرالا ؛ انڊيا ۾ هوائي ڪمپني ايئر انڊيا جو مسافر جهاز ملڪ جي ڏاکڻي رياست ڪيرالا جي شهر ڪالي ڪٽ جي هوائي اڏي تي لينڊنگ دوران حادثي جو شڪار ٿي ويو.
اهو حادثو مقامي وقت موجب شام ستين وڳي پيش آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين پائيلٽ سوڌو ويهه ڄڻا اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا آهن.
حادثي جو شڪار ٿيل اڏام آءِ ايڪس 1344 دبئي کان ڪالي ڪٽ جي ڪوئيڪوڊ هوائي اڏي تي پهتي هئي ۽ ايئر انڊيا جي ترجمان موجب خراب موسم ۾ لهندي جهاز رن وي تان ترڪي هيٺ ڪريو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔