مانچيسٽر ٽيسٽ ۾ پاڪستاني بيٽسمينن بالرز جي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيو

مانچيسٽر؛قومي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ کي پهرين اننگز ۾ 219
رنس تي آئوٽ ڪرڻ بعد ٻي اننگز ۾ اٺ وڪيٽس جي نقصان تي 137 رنس ٺاهي ورتيون آهن جڏهن ته سندس مجموعي برتري 244
رنس ٿي وئي آهي
پاڪستان پنهنجي بالرن جي شاندار ڪارڪردگي سبب ميزبان ٽيم انگلينڊ کي پهرين اننگز ۾ 219 رنسن تي آئوٽ ڪري 107 رنسن جي سرسي حاصل ڪئي هئي..
راند جي ٻين ڏينهن انگلينڊ جي شروعاتي چاروڪيٽون 62 رنسن تي ڪريون ۽ ٽئين ڏينهن اولي پوپ 46 ۽ جوز بٽلر 15 رنسن سان ميدان ۾ لٿا.
پهرين وڪيٽ فاسٽ بالر نسيم شاهه ورتي جڏهن پوپ 62 رنسن تي آئوٽ ٿيو، پوءِ ياسر شاهه جو جوز بٽلر کي 38، ڊوم بيس کي هڪ ۽ ڪرس ووڪس کي 19 رنسن تي پويلين واپس موڪليو
آخري ٻه وڪيٽون شاداب خان ڪيرايون، جوفرا آرچر 16 ۽ جيمز آينڊرسن 7 رنسون ٺاهي هن جو شڪار بڻيو ۽ انگلينڊ جي ٽيم 219 رنسون اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.
ياسر شاهه 66 رنسن عيوض 4 وڪيٽيون ڪيرايون جڏهن ته محمد عباس ۽ شاداب خان ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون. نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي جي حصي ۾ هڪ هڪ وڪيٽ آئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔