پاڪستان پاران تاريخي بابري مسجد جي ايراضي تي رام مندر جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي سخت مذمت

اسلام آباد: پاڪستان ڀارتي شهر ايوڌيا ۾ تاريخي عبادتگاهه بابري مسجد جي ايراضي تي رام مندر جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي.

پرڏيهي کاتي چيو ته تاريخي بابري مسجد پنج صدين کان موجود هئي پر ڀارت جي سپريم ڪورٽ جي ناقص فيملي جي نتيجي ۾ رام مندر جي اڏاوت جو رستو هموار ٿي ويو.

هن چيو ته ڄاڻايل فيصلي سان نه رڳو عدالتي نظام تان يقين اُٿي ويو پر ڀارت ۾ موجود خاص مسلم اقليتن ۽ انهن جي عبادت گاهن تي تيزي سان حملا ٿي رهيا آهن.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران بابري مسجد جي جاءِ تي رام مندر جي عجلت ۾ اڏاوت، مسلمان مخالف شهريت ترميم ايڪٽ (سي اي اي) ۽ شهرين کي آزادي کان محروم ڪرڻ جي لاءِ قومي سڃاڻپ شهري رجسٽرڊ (اين آر سي) کان سواءِ نئين دهلي ۾ مسلمانن کي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ رياستي شموليت ۽ ٻيا مسلم مخالف قدم ان حقيقت جي نشاندهي ڪن ٿا ته ڪهڙي طرح ڀارت ۾ مسلمانن کي ڊيڄاريو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔