وڃ ڇڏي منهنجي وادي : ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهارلاءِ تصويرن جومقابلو

ڪراچي: ڊائريڪٽوريٽ پرائيويٽ اسڪولز، سنڌ ۽ برڪلن سيڪنڊري اسڪول گلشن ظهور ڪراچي جي اهتمام هيٺ استحصال جي ڏهاڙي ۽ ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ تصويرن جو مقابلو ڪرايو ويو .

والاريل ڪشمير جي عوام سان ٻڌي جي اظهار لاءِ ڪرايل هن مقابلي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

پروگرام ۾ ڊائريڪٽرجنرل پرائيويٽ اسڪولز، ڊاڪٽر منسوب صديقي، رجسٽرار پرائيويٽ اسڪولز، رفيع جاويد ۽ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر برڪلن سيڪنڊري اسڪول ارشد ملڪ سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪئي

مقابلي جوعنوان وڃ ڇڏي منهنجي وادي هو . مقابلي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين فنڪاراڻي انداز ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قبضي جي مذمت ڪئي ۽ پنهنجي مظلوم ڀينرن ۽ ڀائرن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔