سعودي عرب ۾ ڪرونا وائرس جي مريضه ٽن صحت مند ٻارڙن کي جنم ڏنو

رياض: سعودي عرب جي الجوف واري علائقي ۾ ڪورونا جي هڪ مريضه ٽن صحت مند ٻارڙن کي جنم ڏنو آهي ، ٻار ڪورونا وائرس کان محفوظ آهن.
عرب ميڊيا مطابق ڪورونا جي مريضه الجوف علائقي جي ساڪاڪه اسپتال ۾ سرجري ذريعي ٻارڙن کي جنم ڏنو ، ٽئي ٻار مڪمل طور تي صحت مند آهن.
علائقي جي ڊائريڪٽر صحت چيو ته شروعاتي ٽيسٽ موجب ٻار ڪرونا وبا کان محفوظ آهن، هن زور ڀريو ته ڪرونا کان بچاء جو واحد حل احتياط آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔