ابوظهبي؛ عجمان جي سبزي مارڪيٽ ۾ خوفناڪ باهه

ابوظهبي: گڏيل عرب اماراتن جي رياست عجمان جي سبزي منڊي ۾ باهه لڳي وئي ، جيڪا ڪيترن ئي ڪلاڪن کان قابو ۾ ناهي اچي سگهي.
عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب اربع جي شام عجمان جي نئين صنعتي علائقي ۾ سبزي منڊي جي بازار ۾ باهه لڳي وئي جيڪا قابو کان ٻاهر ٿي وئي.
عجمان ۾ سول ڊفينس ايجنسي چيو آهي ته فائر برگيڊ ۽ پوليس جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون جيئن ئي صنعتي علائقي جي هڪ عوامي بازار ۾ باهه جي اطلاع کين ملي ۽ باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
عرب ميڊيا جي رپورٽن مطابق باهه وقت سان گڏ شدت اختيار ڪري رهي آهي ، فائر فائٽرز کي ريسڪيو جي ڪم ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔