شهباز شريف جي مولانا فضل الرحمان کي پرچائڻ جي ڪوشش ناڪام

اسلام آباد:  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي فون ڪري ساڻس رابطو ڪيو.

ذريعن موجب شهباز شريف مولانا فضل الرحمان کي ڪشمير جي حوالي سان ٿيندڙ قومي مشاورتي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر مولانا ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب هن جو چوڻ هو ته نااهل حڪومت ڪشمير جو  سودو ڪيو آهي هاڻ واڳون وارا ڳوڙها  ڳاڙڻ جو ڪوبه فائدو نه آهي.

جي يو آءِ جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته جمعيت علماءِ اسلام حقيقي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔