وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٿيندو. اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويندو.

وفاقي ڪابينه جي اجلاس جو 13 نڪاتي ايجنڊا به جاري ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينه اسٽيٽ بينڪ جي ڊپٽي گورنر جي منظوري ڏيندي.

پاڪستان جي آفيشل نقشي جي تياري ۽  ان جي منظوري به ايجنڊا جو حصو ۽ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي ڪارڪردگي تي بريفنگ به ايجنڊا ۾ شامل آهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ميڊيا هائوس جي واجبات جي ادائيگين تي ڪابينه کي بريفنگ ڏني ويندي. گيس جي ورهاست جي منصوبن تي به ڪابينه کي بريفنگ ڏني ويندي.

ڪورنگي فشريز هاربر اٿارٽي جي بورڊ جي  نئين سري سان جوڙجڪ ايجنڊا جو حصو آهي جڏهن ته ڪابينه کي اقتصادي ترقي ۽ معاشي اعشارين تي به بريفنگ ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔