پنجاب ۾ تعليمي ادارا کولڻ جي لاءِ نيون فول پروف ايس او پيز تيار

راولپنڊي: سڄي پنجاب ۾ پرائيويٽ ۽ سرڪاري تعليمي ادارا کولڻ جي لاءِ ايس او پيز تيار ڪيون ويون آهن ..

تعليم واري وزارت سڄي صوبي ۾ پرائيويٽ ۽ سرڪاري تعليمي ادارا کولڻ جي لاءِ نوان سخت ۽ فول پروف ڪورونا بچايو ايس او پيز تيار ڪري ورتا آهن.

نئين ايس او پيز جي تحت اسڪول کولڻ تي ڪنهن به اسڪول ۾ اسيمبلي نه ٿيندي. شاگرد ۽ شاگردياڻين کي تفريح به نه ڏني ويندي هر ڪلاس روم، ٽيڇرز اسٽاف روم ۽ واش رومز ۾ صبح جو سوير جراثيم کان ڇوٽڪاري وارو اسپري لازمي ڪيو ويندو.

هڪ ڊيسڪ تي 3 جي بجاءِ 2 شاگرد ويهي سگهندا. شاگرد، شاگردياڻيون ۽ استاد هڪ ٻئي کي پين، پينسل، ڪاغذ، رٻڙ، کاڌو به نه ڏئي سگهندا. شاگردن ۽ استادن جي هٿ ملائڻ تي به پابندي هوندي. ڪلاس ۾ صرف 3 مضمون رياضي، انگريزي ۽ سائنس پڙهايا ويندا.

ٻين مضمونن جو صرف هوم ورڪ ڏنو ويندو. هڪ ڪلاس ۾ 20 ٻار ويهي سگهندا. شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڌيڪ هجڻ جي صورت ۾ صبح ۽ ڏينهن جو ٻه شفٽون ڪيون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔