اسمگلنگ ۾ ملوث گرفتار ٻلي جيل مان فرار!!

ڪولمببو: سري لنڪا ۾ جيل جا اهلڪار پريشان ٿي ويا جڏهن انهن کي اهو معلوم ٿيو ته انهن جي قبضي ۾ ٻلي اوچتو غائب ٿي وئي آهي .. ٻلي اسمگلنگ ڪيس ۾ پڪڙي وئي هئي..
تفصيل موجب ، منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث هڪ ٻلي جيل مان فرار ٿي وئي آهي جيڪو واقعو سري لنڪا ۾ پيش آيو آهي. ٻلي ، کي قيدين کي منشيات پهچائڻ دوران پڪڙيو ويو
سومر تي سري لنڪا جي ميڊيا جي رپورٽن موجب ، ”ڏوهاري ٻلي“ ڪولمبو جي واليڪاڊا جيل ۾ قيد هئي، جتان فرار ٿي وئي . پر ، جيل جي عملدارن فوري طور تي ان بابت پنهنجو ڪو به ردعمل ناهي ڏنو.
ٻلي گذريل هفتي ٻه گرام هيروئن ، ٻه سم ڪارڊ ۽ قيدين کي هڪ ياداشت فراهم ڪري رهي هئي. پوليس موجب سموريون شيون هن جي ڳچي ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ ويڙهيل هيون..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔