حڪومت پاران عيدالاضحيٰ کانپوءِ آفيسن جو پراڻو وقت بحال

اسلام آباد :حڪومت عيدالاضحيٰ کانپوءِ آفيسن جو پراڻو وقت بحال ڪري ڇڏيو.

اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان آفيسن جي پراڻي وقت جي بحالي بابت باقاعدي طور نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب عيدالاضحيٰ کانپوءِ سرڪاري آفيسون صبح 9 کان شام 5 وڳي تائين کليل رهنديون.

اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان ڄاڻايل نوٽيفڪيشن سڀني سرڪاري ادارن کي موڪليو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔