اين آر او، اين آر او چئي اصل اين آر او کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اين آر او، اين آر او چئي اصل اين آر او کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪو حراست هيٺ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن کي ڏنو ويو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايف اي ٽي ايف جي لاءِ گهربل قانون سازي لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ کي اعتاد ۾ ناهي ورتو ويو، جنهن کي ڪشمير جو سفير بڻجڻو هو پر اڄ هو ڪلڀوشن جو وڪيل آهي، اسان کي اين آر او، اين آر او چون ٿا.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته هڪ بل جو غير تڪرار ٿي پئي سگهيو توهان ان کي تڪراري ڪري ڇڏيو ۽ پي ٽي آءِ پنهنجي آرڊيننس کي پاس ڪرائڻ اسان سان ڳالهيون ڪري رهي هئي.

سندس چوڻ هو ته حڪوم ڪوڙ جي بنياد تي چاهي ٿي ته ايف اي ٽي ايف کي نيب سان گڏ ڪيو وڃي ڪوڙ ۽ آمراڻي ڪوشش جي باوجود ملڪ لاءِ ايف اي ٽي ايف قانون سازي ۾ گڏ هو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جسٽس مقبول باقر جي فيصلي کان پوءِ نيب ۽ جمهوريت به گڏجي نٿيون هلي سگهن.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ عمران خان گڏوگڏ نٿا هلي سگهن، عمران خان جي دور حڪومت ۾ ملڪ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن ۾ واڌ ٿي جڏهن ته هو نيب کي استعمال ڪري مخالف پارٽين جي سياستدانن کان انتقام پيا وٺن.

هن وزير اعظم جي ٻن خاص مددگارن کي مخاطب ڪندي چيو ته شهزاد اڪبر کي پهرين پنهنجي اثاثن جو حساب ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري کان ثبوت گهري رهيا آهن ته پاڻ به جواب ڏين ته 2 سالن کان پنهنجي پرڏيهي ملڪيت ڇو ڊڪليئر ڇو نه ڪئي هئي.

پ پ چيئرمين چيو ته ڪابينا ۾ ڪجهه ماڻهن تي آمدن کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس بڻجي ٿو ۽ وزير اعظم عمران خان اڄ به پنهنجي صلاحڪارن جي ڪرپشن جو تحفظ ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته عمران خان پاڻ سڀ کان وڌيڪ ايمنسٽي ورتو  ۽ ڏنو جنهن جو مثال ماضي ۾ نٿو ملي، مالم جبا، بي آر ٽي، کنڊ ۽ اٽي جي چوري تي به اين آر او ڏياريو ويو.

هن چيو ته ٻه سال ٿي ويا آهن، عمران خان ڪو هڪ به اهڙو ڪم ناهي ڪيو جيڪو عوامي مفاد ۾ هجي، جڏهن ته ملڪ جي سمورين مخالف ڌر پارٽيون سليڪٽڊ حڪومت جي خلاف هڪ پيج تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔