بلاول ڪرپشن تي ڳالهائڻ جو اخلاقي جواز نٿو رکي: شبلي فراز

اسلام آباد: سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ڪرپشن تي ڳالهائڻ جو اخلاقي جواز نٿو رکي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو ۽ هن جي خاندان جي صادق ۽ امين ٿيڻ تي گهڻا ئي سوال آهن. بلاول عوام کي ضرور ٻڌائي ته اِهي محل ڪيئن خريديا ويا؟ اومني گروپ جي لاءِ مني لانڊرنگ ڪنهن ڪئي؟

شبلي فراز چيو ته انهن سوالن جي جوابن لاءِ بلاول کي گهڻو پري وڃڻ جي ضرورت نه پوندي هن کي انهن سوالن جا جواب پنهنجي خاندان مان ئي ملي ويندا. بلاول يا ته لاعلم آهي يا وري سڀ ڪجهه ڄاڻيندي به ڪوڙ ٿو ڳالهائي. هو ڪرپشن تي ڳالهائڻ جو اخلاقي جواز نٿو رکي.

سڌُ سماءَ واري وزير چيو ته عمران خان اُهو ليڊر آهي جنهن سياست ۾ اچڻ کان پهرين سماجي خدمت ڪئي. عمران خان جيڪي اثاثا بڻايا اُهي ايمانداري سان بڻايا، سمورا مني ٽريل ڏنا. عدالت عمران خان کي صادق ۽ امين جو ٽائيٽل ڏنو.

هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ عمران خان بلاول جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو. بلاول ڀٽو پنهنجي پارٽي جو ڪارڪردگي تي ڌيان ڏئي، سمورن پاڪستانين ڏسي ورتو ته ڪراچي جي ڪهڙي حالت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔