پي ٽي اي پب جي گيم تان پابندي هٽائي ڇڏي

اسلام آباد: پاڪستان ۾ آن لائن گيم پب جي تي لاڳو ڪيل پابندي هٽائي وئي آهي. مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ٻڌايو ته پب جي انتظاميا پي ٽي اي جي فيڊ بيڪ کي خوش آمديد چيو ۽ يقين ڏياريو آهي ته لاڳاپيل اشوز کي حل ڪيو ويندو.

پب جي انتظاميا جي هاڪاري ردعمل تي پي ٽي اي پب جي تي لڳل پابندي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو.

واضح رهي ته پي ٽي اي گذريل مهيني کان مختلف طبقن کان موصول ٿيندڙ شڪايتن کانپوءِ ان وڊيو گيم تي عارضي طور تي پابندي هڻي ڇڏي هئي. پي ٽي اي جو چوڻ هو ته عوام کان ملندڙ شڪايتن ۾ چيو ويو هو ته اها گيم وقت جو ذيان آهي ۽ ان سان ٻارن جي جسماني ۽ دماغي صحت تي ناڪاري اثر پون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔