ڀارت ۾ قتل ٿيل پاڪستاني مهاڻي جو لاش ڪراچي ۾ نيٽي جيٽي پل تي رکي ماهيگيرن جو مظاهرو

ڪراچي : ڀارتي جيل ۾ قيد دوران نهايت ئي انسانيت سوز تشدد ۾ شهيد ٿيل ماهيگير عبدالڪريم جو لاش نيٽي جيٽي پل تي رکي هزارين ماهي گيرن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي ماهيگيرن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو پتلو ساڙي سندس خلاف ڀرپورنعري بازي ڪئي مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ مختلف بينر هئا جن تي نعرا لکيل هئا .

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪومت جيڪڏهن انهن  جي 119 ماهيگيرن  کي ڀارتي جيلن مان آزاد نه ڪرايو ته اهي سندن آزادي لاءِ تحريڪ شروع ڪندا  ۽ لکين ماهيگير اسلام آباد ۾  ڀارتي هاءِ ڪميشن ۽ گڏيل قومن جي آفيسن آڏو ڌرڻا هڻندا .

ان موقعي تي هزارين ماهيگيرن پاران ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو اصل چهرو دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ جدوجهد هلائڻ جو به اعلان ڪيو ويو ،

ان موقعي  تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ فشر فورڪ فورم ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرمين عبدالبر نيٽي جيٽي پل تي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان خيرسگالي جذبي هيٺ ڀارتي ماهيگيرن کي آزاد ڪيو پر ڀارت انتها پسندي جو ثبوت ڏيندي اتي قيد پاڪستانين تي تشدد ڪري انهن کي شهيد ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي جنهن جي خلاف هو ڀرپور تحريڪ هلائيندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔