انتظار جون گهڙيون ختم، راحت فتح علي خان جو نئون گانو ”عاشقي“ جاري

ڪراچي: موسيقي ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان ڊاڪٽوريٽ جي اعزازي ڊگري ماڻيندڙ سرن جي سلطان استاد راحت فتح علي خان جي نئين رومانٽڪ  گاني غمِ عاشقي تيرا شڪريه سڄي دنيا ۾ هڪ ئي وقت رليز ڪيو ويو آهي .

 ان کان اڳ گاني جي هڪ جهلڪ سوشل ميڊيا تي ڌم مچائي ڇڏي هئي ،عالمي شهرت رکندڙ راڳي استاد راحت فتح علي خان دنيا جي ناليواري شاعره پروين شاڪر جي ڪلام کي گيت جو روپ ڏئي پنهنجي ٻڌندڙن لاءِ عيد جو تحفو پيش ڪيو آهي .  

ان گاني جي جاري ٿيڻ جو سندس مداحن کان ڪيترن ئي ڏينهن کي بي چيني ۽ بي قراري سان انتظار هو ،دل جي تارن کي ڇيڙيندڙ ان گيت جي موسيقي نوجوان ميوزڪ ڊائريڪٽرڪامران اختر ترتيب ڏني آهي جڏهن ته عالمي شهرت رکندڙ ميوزڪ پروڊيوسر سلمان احمد ان کي شاندار انداز ۾ پروڊيوس ڪيو آهي

 ان موقعي تي استاد راحت فتح علي خان چيو ته ڪورونا سان جيڪا زندگي گذري رهي آهي اها نهايت خطرناڪ آهي ، لاڪ ڊائون دوران سڀ کان وڌيڪ هن پنهنجي مداحن ۽ پيار ڪندڙن کي ياد ڪيو ۽ سڀني لاءِ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ انهن کي پنهنجي امان ۾ رکي ، هن چيو ته غم عاشقي تيرا شڪريه ان وقت ۾ ٺاهيو جڏهن اهو گيت هن جي مداحن لاءِ عيد جو تحفو ثابت ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔