چين ۾ ڪورونا ٻيهر ڪَرُ کڻڻ لڳو، 101 نوان ڪيس رپورٽ

بيجنگ: چين ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 101 نوان ڪيس سامهون اچي ويا جيڪي گذريل ساڍن ٽن مهين دوران اُتي هڪ ڏينهن ۾ سامهون آيل سڀ کان وڌيڪ ڪيس آهن.
خابرو اداري موجب چين جي نيشنل هيلٿ ڪميشن جو چوڻ آهي ته چين ۾ 28 جولاءِ يعني گذريل ڏينهن گڏيل طور تي 101 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن مان 98 ڪيس سنڪيانگ جي علائقي ۾ سامهون آيا جڏهن ته ٽن ڪيسن جي تصديق پرڏيهه مان واپس ايندڙ شهرين ۾ ٿي.
ان کان سواءِ چين 28 جولاءِ تي 27 اهڙن مريضن به تصديق ڪئي جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي ڪا به علامت موجود نه هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔