لاهور: پنجاب جي وائلڊ لائيف ۽ فشريز کاتي جي وزير اسد کوکر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ پنجاب جي وائلڊ لائف اينڊ فشريز ڊپارٽمينٽ جي صوبائي وزير اسد کوکر پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

پنجاب جي وڏي وزير اسد کوکر جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي جنهن جو باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. 

وائلڊ لائف اينڊ فشريز ڊپارٽمينٽ جي صوبائي وزير اسد کوکر استعيفيٰ جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته مون کي وزارت تان هٽايو ناهي ويو پر مون پاڻ استعيفيٰ ڏني آهي.

اسد کوکر جو چوڻ آهي ته وزارت جي مصروفيتن سبب پنهنجي حلقي کي وقت نه پيو ڏئي سگهان ان لاءِ استعيفيٰ ڏني.

ياد رهي ته اسد کوکر 2018  ۾ لاهور مان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق جي ڇڏيل صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي پي 168 تان ضمني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔