پاڪستاني ۽ ايراني پرڏيهي وزيرن جو ٽيليفون تي رابطو، مڪه دفاعي معاهدي ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد:  پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايراني هم منصب عباسي عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو ڪري خطي جي صورتحال ۽ تازو ئي طئي ٿيندڙ مڪه دفاعي معاهدي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايراني هم منصب عباسي عراقچي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري تازو ئي پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مڪه دفاعي معاهدي ۽ خطي جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

خبرون ڏيندڙ ايجنسي ٻڌايو آهي ته ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال ۽ امن، استحڪام جي لاءِ ڪيل ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. رپورٽ موجب ايراني پرڏيهي وزير پاڪستاني هم منصب کي عمان سان آبنائي هرمز ۾ نئين واپاري راهداري جي حوالي سان ٿيل تازي ڳالهين تي ڀروسي ۾ ورتو.

ٻئي طرف پرڏيهي وزير اسحاق ڊار عباسي عراقچي کي مڪه دفاعي معاهدي جي حوالي سان آگاهه ڪيو  ۽ ٻڌايو ته معاهدي جو مقصد اسٽريجڪ تعاون ۽ خطي ۾ امن، استحڪام آڻڻ آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔