سموري ملڪ جي بجلي صارفين لاءِ جاري وڏو رليف ختم ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: ڪراچي سميت سموري ملڪ جي بجلي صارفين لاءِ جاري وڏو رليف ختم ٿيڻ جي ويجهو پهچي ويو آهي جنهن کان پوءِ ايندڙ مهيني کان بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب بجلي جي قيمتن ۾ هڪ روپيو 99 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي مد ۾ ملندڙ ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ رليف هلندڙ مهيني آگسٽ ۾ پنهنجو مدو پورو ڪري وٺندو هي رليف جون 2026 کان لاڳو هو، جنهن جي تحت صارفين کي گڏيل طور تي 67 ارب 17 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو فائدو پهچي رهيو آهي.

رپورٽن موجب انهي رليف جي خاتمي کان پوءِ اپريل کان جون 2026 جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ايندڙ مهيني کان لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن جي نتيجي ۾  بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

بجلي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين انهي حوالي سان نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن ۾ صارفين تي 23 ارب روپين کان وڌيڪ جو اضافي بار پوڻ جي تجويز ڏني وئي آهي اهو اضافو تقريبن هڪ روپيو في يونٽ بڻجي ٿو، پر حتمي فيصلو نيپرا طرفان ڪيو ويندو.

 

تبصرے بند ہیں۔