لاهور: اداڪاره مومل خالد ساٿي اداڪاره نمره خان جي ٻئي شادي جي خاتمي تي رد عمل ڏيندي انهي جي اڳوڻي مڙس کي تنقيد جو نشانو بنايو آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ مومل خالد ٻنهي جي ڌار ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته شادي هڪ وڏو عهد ۽ ذميواري آهي جنهن کي سنجيدگي سان نڀائڻ گهرجي ۽ ڪنهن کي به ٻئي جي جذبات، زندگي ۽ عزت سان کيڏڻ جو حق نه آهي.
اداڪاره چيو ته جيڪڏهن ٻئي ڄڻا ڪنهن سبب جي ڪري ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪن ٿا ته انهن کي هڪ ٻئي جي لاءِ احترام ۽ شائستگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي نه وري عوامي بيانن ذريعي هڪ ٻئي کي تڪليف پهچائين.
مومل خالد انڪشاف ڪيو ته شادي کان پوءِ نمره خان کي ايترو خوش مون ڪڏهن به نه ڏٺو هو انهي لاءِ انهن جي ڌار ٿيڻ جي خبر منهنجي لاءِ انتهائي افسوسناڪ آهي.
هن نمره خان جي حمايت ڪندي چيو ته منهنجي خيال ۾ انهي صورتحال جو الزام اداڪاره تي لڳائي نٿو سگهجي مان هن مشڪل وقت ۾ انهي جي لاءِ دعاگو آهيان.
ياد رهي ته نمره خان جون 2026 ۾ پنهنجي ٻئي شادي جو اعلان ڪيو هو، پر صرف ڪجهه هفتن بعد جولاءِ ۾ ڌار ٿيڻ جون خبرون سامهون آيون جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي انهي حوالي سان بحث جاري آهي.
تبصرے بند ہیں۔