عام چونڊن کان اڳ چونڊ قانونن ۽ آئين ۾ تبديلين جو فيصلو

اسلام آباد: : اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ايندڙ عام چونڊن کان اڳ چونڊ قانونن ۽ آئين ۾ تبديلين جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن پنهنجي ليگل ريفارمز ڪميٽي کي فعال ڪري ڇڏيو آهي. ليگل ريفارمز ڪميٽي ۾ اليڪشن ڪميشن جي اعليٰ اختيارين سميت سمورن ونگز جا عملدار شريڪ آهن. هيءَ ڪميٽي موجوده چونڊ قانون ۽ آئيني شقن جو جائزو وٺندي.ذريعن موجب، ڪميٽي عام چونڊن 2024ع ۾ سامهون ايندڙ قانوني ۽ آئيني خامين جو جائزو وٺي پنهنجيون سفارشون پيش ڪندي. اليڪشن ڪميشن چونڊ قانونن کي اثرائتو ۽ جديد بڻائڻ لاءِ قانوني فريم ورڪ جو جائزو وٺندي. اليڪشن ڪميشن آئين، اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۽ اليڪشن رولز 2017ع ۾ ضروري ترميمن جون تجويزون تيار ڪندي. ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن چونڊ قانونن ۾ خامين جي نشاندهي ڪري لاڳاپيل فورمز کي سفارشون موڪليندي. اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۽ اليڪشن رولز 2017ع جو جائزو هلندڙ سال ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن نئين قانون سازي تي ٽن مهينن اندر پنهنجي راءِ ڏيندي.

تبصرے بند ہیں۔