خلائي آبزرويٽري کي زمين تي ڪرڻ کان بچائڻ وارو مشن شروع

ڪراچي: ناسا جي هڪ مشهور خلائي آبزرويٽري کي زمين جي فضا ۾ ڪري تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هڪ جرئت ڀريو ۽ پنهنجي نوعيت جو پهريون تجارتي روبوٽڪ مشن شروع ڪيو ويو آهي.
جيڪڏهن هي مشن ڪامياب ٿيو ته اهو پهريون ڀيرو هوندو، جڏهن ڪنهن تجارتي روبوٽڪ خلائي مشن ناسا جي اهڙي بنا انسان واري خلائي جهاز کي پڪڙي ان جو مدار تبديل ڪندو، جنهن کي اصل ۾ خلا ۾ مرمت يا سروس لاءِ تيار ئي نه ڪيو ويو هو.
ناسا موجب، جيڪڏهن ڪا مداخلت نه ڪئي وڃي ها ته نيل گيريلز سوئفٽ آبزرويٽري (Neil Gehrels Swift Observatory) هن مهيني فضا جي رڳڙ (Atmospheric Drag) ۽ تازين شمسي سرگرمين جي اثر سبب پنهنجي اهم مداري اوچائي کان هيٺ لهڻ شروع ڪري ڇڏي ها.
هي آبزرويٽري لڳ ڀڳ 22 سالن کان روشني جي مختلف طولِ موجن (Wavelengths) ذريعي ڪائنات جي بيشمار خلائي جسمن جو مشاهدو ڪندي رهي آهي.
پين اسٽيٽ يونيورسٽي جي ايبرلي ڪاليج آف سائنس ۾ موجود سوئفٽ آپريشنز ٽيم بجلي جي استعمال کي گهٽايو آهي ۽ آبزرويٽري کي اهڙي رخ تي موڙي ڇڏيو آهي، جتي اها وڌيڪ بهتر نموني خلا جو مشاهدو ڪري سگهي.
پر ناسا جي اڳڪٿين موجب، جيڪڏهن اها زمين کان لڳ ڀڳ 185 ميل (300 ڪلوميٽر) جي اوچائي کان هيٺ اچي وڃي ته امڪان آهي ته هن سال سرءُ جي موسم دوران زمين جي فضا ۾ داخل ٿي سڙي ختم ٿي ويندي.
جڏهن سائنسدانن کي احساس ٿيو ته سوئفٽ مشن پنهنجي متوقع وقت کان گهڻو اڳ ختم ٿي سگهي ٿو ته ناسا ان کي بچائڻ لاءِ تجويزون طلب ڪيون.
ناسا جي فلڪيات واري شعبي جي ڊائريڪٽر شان ڊوميگل-گولڊمين 17 جون تي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو: “اسان اهو مثال قائم ڪرڻ نٿي چاهيو ته هر اهو خلائي جهاز، جيڪو مدار وڃائي رهيو هجي، ان کي ٻيهر مٿي کڻي وڃڻ ضروري هجي، پر هي ڪو عام خلائي جهاز نه هو، بلڪه فلڪيات لاءِ منفرد صلاحيتن وارو هڪ اهم آبزرويٽري هو.”
ناسا گذريل سيپٽمبر ۾ ايريزونا ۾ قائم ڪمپني ڪيٽالسٽ اسپيس ٽيڪنالاجيز کي هي ذميواري سونپي. ڪمپني کي صرف 9 مهينا ڏنا ويا ته هو اهڙو خلائي جهاز تيار ڪري، جيڪو سوئفٽ تائين پهچي ان کي پڪڙي ۽ ان جو مدار بلند ڪري سگهي.
انهيءَ مقصد لاءِ تيار ڪيل روبوٽڪ سيٽلائيٽ جو نالو LINK رکيو ويو. هي سيٽلائيٽ نارٿروپ گرومن جي Pegasus XL راڪيٽ وسيلي خلا ۾ موڪليو ويو، جيڪو ڪمپني جي تبديل ڪيل L-1011 جهاز Stargazer مان فضا ۾ ڇڏايو ويو.
اسٽارگيزر جهاز ڏکڻ پئسفڪ سمنڊ ۾ واقع مارشل ٻيٽن جي ڪواجالين ائٽول مٿان لڳ ڀڳ 40 هزار فوٽ (12 هزار ميٽر) جي اوچائي تائين پهتو. اتان راڪيٽ کي آزاد ڪيو ويو.
جمعي ڏينهن آمريڪي اوڀر واري وقت موجب صبح 4:36 وڳي راڪيٽ جا انجڻ هلڻ شروع ٿيا ۽ سيٽلائيٽ کي سڌو سنئون سوئفٽ جي مدار ۾ داخل ڪيو ويو. هي لانچ ڪيترا ئي ڀيرا خراب موسم سبب ملتوي ٿيو.
ان کان علاوه، خميس واري لانچ جي ڪوشش دوران هڪ سافٽ ويئر جي خرابي سامهون آئي، جنهن کي نئين اپڊيٽ ذريعي درست ڪرڻ کان پوءِ آخرڪار مشن ڪاميابي سان روانو ڪيو ويو.
هاڻي سائنسدانن کي ڪيترائي مهينا انتظار ڪرڻو پوندو ته ڏسن ڇا هي بظاهر ناممڪن مشن ڪامياب ٿئي ٿو يا نه.
ان عرصي دوران LINK مختلف مرحلن مان گذرندو، 3,200 پائونڊ (1,452 ڪلوگرام) وزني سوئفٽ آبزرويٽري کي پڪڙيندو ۽ آهستي آهستي ان جو مدار زمين کان لڳ ڀڳ 370 ميل (600 ڪلوميٽر) جي اوچائي تائين کڻي ويندو.
شان ڊوميگل-گولڊمين چيو: “ڪنهن به نه سوچيو هو ته اسان اڄ تائين به ايترو اڳتي پهچي سگهنداسين، ۽ مان ايمانداري سان چوان ٿو ته اڃا به اسان جي سامهون ڪيترائي خطرا موجود آهن.”
هن وڌيڪ چيو: “پر مان انهن سڀني ماڻهن جو بيحد شڪرگذار آهيان، جن هن مشن تي ڪم ڪيو آهي، ۽ مون کي پوري اميد آهي ته اسين ايندڙ چئلينجن کي به ڪاميابي سان منهن ڏينداسين.”
زمين ڏانهن لهندڙ آبزرويٽري کي ڪيئن بچايو ويندو؟
زمين جي ويجهو مدار (Low Earth Orbit) ۾ گردش ڪندڙ سڀئي سيٽلائيٽ ۽ خلائي جهاز قدرتي طور تي فضائي رڳڙ (Atmospheric Drag) جو شڪار ٿيندا آهن، جنهن سبب وقت سان گڏ انهن جي اوچائي گهٽجندي رهندي آهي، خاص طور تي جيڪڏهن انهن وٽ پاڻ کي اڳتي ڌڪڻ (Propulsion) جو نظام موجود نه هجي.
سوئفٽ آبزرويٽري سان به اهو ئي ٿيو. گذريل ٻن سالن دوران سج جي سرگرمين ۾ غيرمعمولي واڌ سبب اهو اثر وڌيڪ شديد ٿي ويو.
2024ع ۾ سج پنهنجي 11 سالن واري شمسي چڪر جي عروج (Solar Maximum) تي پهتو، جنهن دوران انتهائي طاقتور شمسي شعلن (Solar Flares) ۽ ڪورونل ماس ايجڪشن (Coronal Mass Ejections) جو اخراج ٿيو.
ناسا موجب، انهن سرگرمين سبب زمين جي مٿئين فضا ڦهلجي وئي، جنهن ڪري سوئفٽ تي فضائي رڳڙ وڌيڪ وڌي وئي ۽ ان جو مدار تيزي سان گهٽجڻ لڳو.
قدرتي طور تي سوئفٽ جو مشن هتي ختم ٿي سگهي پيو، پر ناسا چاهيو ٿي ته هن آبزرويٽري جي سائنسي خدمت جو عرصو وڌايو وڃي، ڇاڪاڻ ته هن وقت ان جهڙي صلاحيت وارو ڪو تيار متبادل دوربين موجود ناهي.
ساڳئي وقت، ناسا مستقبل جي خلائي مهمن لاءِ اهڙي ٽيڪنالاجي کي به آزمائڻ چاهي ٿي. ڪيٽالسٽ اسپيس ٽيڪنالاجيز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر گهونهي لي چيو: “سويفٽ کي ڪڏهن به خلا ۾ مرمت لاءِ ڊزائين نه ڪيو ويو هو، پر جيڪڏهن اسان جلدي ۽ گهٽ خرچ ۾ ان جي عمر وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ٿا ته اهو انهن سڀني خلائي جهازن لاءِ هڪ نمونو بڻجي ويندو، جيڪي مدار ۾ مرمت لاءِ تيار نه ڪيا ويا هئا.”
هن وڌيڪ چيو: “جيڪڏهن اسان زمين کان ٻاهر انسان جي مستقل موجودگي قائم ڪرڻ چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي خلا ۾ پنهنجي ماحول کي سنڀالڻ جي صلاحيت به هئڻ گهرجي. ان جو مطلب آهي ته اهڙا روبوٽڪ خلائي جهاز تيار ڪيا وڃن، جيڪي لانچ کان پوءِ سيٽلائيٽن جي جڳهه تبديل ڪري سگهن، انهن جي مرمت، تيل جي فراهمي ۽ اپ گريڊ ڪري سگهن.”
لنڪ سيٽلائيٽ ڪيئن ڪم ڪندو؟
لنڪ سيٽلائيٽ، سوئفٽ جي مقابلي ۾ لڳ ڀڳ هڪ ٽئين حصي جيترو آهي. ان جو وزن 880 پائونڊ (399 ڪلوگرام) آهي. ان جي اوچائي لڳ ڀڳ 5 فوٽ (1.5 ميٽر) آهي. ان سان لڳ ڀڳ 20 فوٽ (6 ميٽر) ڊگها شمسي پينل لڳل آهن. ان ۾ ٽي روبوٽڪ ٻانهون (Robotic Arms) نصب آهن، جيڪي سوئفٽ کي مضبوط نموني سان پڪڙڻ لاءِ ٺاهيون ويون آهن.
خلا ۾ پهچڻ کان پوءِ LINK ڪيترن ئي هفتن تائين پنهنجي نيويگيشن سسٽم ۽ سينسرن جي جاچ ڪندو. ان کان پوءِ اهو سوئفٽ آبزرويٽري جو تفصيلي جائزو وٺندو ته جيئن معلوم ڪري سگهجي ته ان کي محفوظ نموني سان ڪهڙي هنڌ کان پڪڙڻ بهتر ٿيندو.
جيتوڻيڪ ڪيٽالسٽ اسپيس جي انجنيئرن سوئفٽ جي اصل ڊزائن جي بنياد تي ڪجهه مناسب هنڌن جي اڳواٽ سڃاڻپ ڪري ورتي آهي، پر خدشو آهي ته 22 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين خلا ۾ رهڻ سبب آبزرويٽري جي ٻاهرين حفاظتي موصلي (Multilayer Insulation) جي حالت تبديل ٿي چڪي هجي.
اهڙو ئي تجربو اڳ هبل خلائي دوربين جي مرمتي مشنن دوران سامهون آيو هو. ان وقت خلابازن ڏٺو ته دوربين جي حفاظتي پرت تمام گهڻي ڪمزور ٿي چڪي هئي.
ڪيئرن ولسن، جيڪو لنڪ مشن جو پرنسپل انويسٽيگيٽر آهي، چيو “اها حفاظتي پرت ايتري نازڪ ٿي وئي هئي، ڄڻ شيشي وانگر ڀرڀري ٿي وئي هجي. ان کي هٿ لڳائڻ سان ئي اها ٽٽي پئي ۽ وڌيڪ ڀرندي رهي.”
هن چيو ته: “ويهه سال اڳ لڳايل لچڪدار پلاسٽڪ جي حفاظتي چادرن کان اها حالت مڪمل طور مختلف هئي.”
مدار ڪيئن وڌايو ويندو؟
جڏهن لنڪ سوئفٽ کي محفوظ نموني سان پنهنجي گرفت ۾ آڻي وٺندو ته پوءِ اهو وڏي احتياط سان پنهنجا ٽي آئن ٿرسٽر (Ion Thrusters) هلائيندو.
اهي انجڻ آهستي آهستي ٻن کان ٽن مهينن جي عرصي دوران سوئفٽ کي ان جي اصل مدار ڏانهن واپس کڻي ويندا. جڏهن اهو ڪم مڪمل ٿي ويندو ته LINK پاڻ سوئفٽ کان الڳ ٿي ويندو ۽ پوءِ زمين جي فضا ۾ داخل ٿي سڙي ختم ٿي ويندو.
اڃا به ڪيترائي خطرا موجود
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن مشن جي ڪاميابي لاءِ ڪيترن ئي ڏکين مرحلن مان بنا ڪنهن غلطي جي گذرڻو پوندو. انهن کي اها به اميد آهي ته سج مان ڪا غيرمتوقع طاقتور شمسي سرگرمي پيدا نه ٿئي، جيڪا آپريشن ۾ رڪاوٽ وجهي يا سوئفٽ کي موجوده رفتار کان به وڌيڪ تيزي سان هيٺ آڻي ڇڏي.
ڪيئرن ولسن چيو: “هن مشن جو هر مرحلو ڏکيو ۽ خطري سان ڀرپور آهي.” هن وڌيڪ چيو: “دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي خلائي منصوبا آهن، جن تي هن کان گهڻو وڌيڪ وقت ۽ اربين ڊالر خرچ ڪيا ويا، پر اهي به معمولي سببن جي ڪري ناڪام ٿي ويا.”
ناسا جي گاڊرڊ اسپيس فلائيٽ سينٽر ۾ سوئفٽ مشن جي پرنسپل انويسٽيگيٽر ايس. بريڊلي سينڪو چيو ته جيڪڏهن بچاءُ وارو مشن ڪامياب ٿيو ته سوئفٽ هن سال سرءُ تائين پنهنجي موجوده محدود سرگرمين بدران ٻيهر مڪمل سائنسي مشاهدا شروع ڪري ڇڏيندو.
سوئفٽ آبزرويٽري کي بچائڻ ايترو ضروري ڇو آهي؟
سوئفٽ آبزرويٽري کي 2004ع ۾ خلا ۾ موڪليو ويو هو. ان جو بنيادي مقصد گاما ري برسٽس (Gamma-ray Bursts) جو مطالعو ڪرڻ هو، جيڪي ڪائنات ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ڌماڪا سمجهيا وڃن ٿا.
ناسا جي ايس. بريڊلي سينڪو موجب، سوئفٽ هينئر تائين اهڙن 2,000 کان وڌيڪ انتهائي طاقتور گاما ري برسٽن جي سڃاڻپ ڪري چڪو آهي. انهن ڌماڪن دوران سون، پلاٽينم ۽ ٻين ڳرن عنصرن (Heavy Elements) جي ٺهڻ جو عمل پڻ ٿيندو آهي، تنهن ڪري انهن جو مطالعو سائنسدانن لاءِ غيرمعمولي اهميت رکي ٿو. پر وقت سان گڏ سوئفٽ جا فرض صرف گاما ري برسٽن تائين محدود نه رهيا.
هاڻي هي آبزرويٽري نظر ايندڙ روشني، الٽرا وائلٽ شعاعن، ايڪس ريز ۽ گاما ريز ذريعي ڪائنات جي ڪيترن ئي مختلف خلائي جسمن جو مشاهدو ڪري ٿي.

تبصرے بند ہیں۔