ڪراچي:’ڪوانٽم ڊي‘ لاءِ وقت تيزيءَ سان گذري رهيو آهي. ڪيو ڊي اهو امڪاني پر اڃا تائين نامعلوم ڏينهن آهي، جڏهن ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ايتري طاقتور ٿي ويندي جو اها انهن انڪرپشن ڪنجين کي جلدي ۽ آساني سان ٽوڙي سگهندي، جيڪي اڄڪلهه انٽرنيٽ تي ٿيندڙ اڪثر رابطن کي محفوظ رکن ٿيون۔
ماهرن کي 1990ع واري ڏهاڪي کان هن نظرياتي خطري بابت ڄاڻ آهي. پر تازو گوگل خبردار ڪيو آهي ته ڪوانٽم ڪمپيوٽر 2029ع تائينس ڪجهه انڪرپٽ ٿيل نظامن کي هيڪ ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن ٿا. هي اندازو ان وقتي مهلت کي تمام گهڻو گهٽائي ڇڏي ٿو، جيڪا اڳ ڪيترن ئي سائبر سيڪيورٽي ماهرن جي خيال ۾ ڊيٽا جي حفاظت لاءِ موجود هئي. نئين اندازي جو مطلب آهي ته حڪومتن، ڪمپنين ۽ ٻين ادارن وٽ تياري لاءِ شايد هاڻي گهڻو گهٽ وقت نه بچيو آهي۔
سائبر سيڪيورٽي ڪمپني evolutionQ جي گڏيل باني ۽ سي اي او مائيڪل موسڪا جو چوڻ آهي ته: اهو ڏينهن هوندو جڏهن ماڻهن، يا شايد مخالف ڌرين، وٽ اهڙو ڪوانٽم ڪمپيوٽر هوندو جيڪو استعمال هيٺ موجود ڪرپٽوگرافڪ ڪوڊن کي ٽوڙي سگهي.”
Q-Day اهو لمحو هوندو جڏهن هڪ ڪوانٽم ڪمپيوٽر وٽ ايترا وسيلا ۽ استحڪام هوندو جو هو روايتي ڪرپٽوگرافي کي ٽوڙي سگهي. جڏهن اهو ٿيندو ته هر مالي ٽرانزيڪشن، طبي فائيل، اي ميل، جڳهه جي تاريخ ۽ ڪرپٽو والٽ، جيڪي اڄ جي عام استعمال ٿيندڙ الگورٿمن سان محفوظ آهن، اهڙي مشين لاءِ کلي ويندا جيڪا انهن پيچيده رياضياتي مسئلن کي حل ڪري سگهي ٿي جيڪي هن وقت حساس ڊيٽا کي محفوظ رکن ٿا۔
موسڪا، جيڪو اونتاريو جي انسٽيٽيوٽ فار ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ۾ پروفيسر پڻ آهي، چوي ٿو: “ان موڙ تي هر شيءِ محفوظ نه هوندي، اهو هڪ انتهائي وڏو ۽ اوچتو تبديلي وارو قدم هوندو.”
هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌريون ۽ خراب ارادن وارا عنصر شايد اڳ ئي انڪرپٽ ٿيل ڊيٽا گڏ ڪري رهيا هجن، ته جيئن بعد ۾ “هاڻي گڏ ڪريو، پوءِ ڊيڪرپٽ ڪريو” قسم جا حملا ڪري سگهن. ان طريقي ۾ معلومات چوري ڪري محفوظ ڪئي ويندي آهي ۽ پوءِ جڏهن مڪمل صلاحيت وارو ڪوانٽم ڪمپيوٽر موجود هوندو ته ان کي پڙهيو ويندو.
موسڪا 2019ع کان ٽورنٽو جي گلوبل رسڪ انسٽيٽيوٽ پاران شايع ٿيندڙ ڪوانٽم ٿريٽ ٽائم لائين رپورٽ جو گڏيل ليکڪ آهي. 9 مارچ تي شايع ٿيل ستين ايڊيشن ۾ چيو ويو ته مڪمل صلاحيت رکندڙ ۽ ڪرپٽوگرافي لاءِ لاڳاپيل ڪوانٽم ڪمپيوٽر ايندڙ 10 سالن اندر “ممڪنه حد تائين” ۽ 15 سالن اندر “گهڻو امڪاني” آهي. هي اندازو 26 ماهرن جي راءِ تي ٻڌل هو۔
رپورٽ جي ليکڪن خبردار ڪيو: “ڪيترين ئي تنظيمن کي شايد اها خبر ئي نه هجي ته اهي هن وقت اهڙي خطري کي منهن ڏئي رهيون آهن جيڪو ناقابل برداشت آهي ۽ جنهن لاءِ فوري قدم کڻڻ ضروري آهن.”
25 مارچ تي گوگل اعلان ڪيو ته هو 2029ع تائين “ڪوانٽم دور کي محفوظ بڻائڻ” لاءِ پوسٽ-ڪوانٽم ڪرپٽوگرافي کي هٿي ڏئي رهيو آهي. ڪمپني موجب هي ٽائم لائن ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقيءَ جي عڪاسي ڪري ٿي. گوگل پنهنجي بلاگ ۾ لکيو ته:
“اسان اميد ڪريون ٿا ته هن قدم سان نه رڳو گوگل پر سڄي صنعت ۾ ڊجيٽل منتقلي کي تيز ڪرڻ لاءِ گهربل وضاحت ۽ تڪڙ پيدا ٿيندي.”
ساڳي طرح ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ڪمپني Cloudflare پڻ اعلان ڪيو ته هوءَ هاڻي 2029ع کي پنهنجو حدف بڻائي رهي آهي۔
نظر نه ايندڙ بنيادي ڍانچو
ڪرپٽوگرافي اهو اڻ ڏٺل بنيادي ڍانچو آهي جيڪو عالمي معيشت کي هلائيندو رهي ٿو. انٽرنيٽ جي اڪثر سيڪيورٽي ــ جيئن برائوزر ۾ نظر ايندڙ ننڍڙو تالو ــ اهڙي انڪرپشن تي ٻڌل آهي جيڪا رياضي جي هڪ خاص خاصيت استعمال ڪري ٿي. انگن کي ضرب ڏيڻ نسبتاً آسان آهي، پر انهن کي وري انهن جي اصل عاملن ۾ ورهائڻ (Factorization) تمام ڏکيو ڪم آهي۔
RSA ڪرپٽوگرافي، جيڪا پنهنجي تخليقڪارن رون رائيويسٽ، شامير ادي ۽ ليونارڊ ايڊلمين جي نالن سان سڏي وڃي ٿي، دنيا جي سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ انڪرپشن ٽيڪنالاجين مان هڪ آهي. Quantum Threat Timeline Report موجب، “ڪرپٽوگرافي لاءِ لاڳاپيل” ڪمپيوٽر اهو هوندو جيڪو مثال طور 24 ڪلاڪن اندر RSA انڪرپشن ٽوڙي سگهي.
ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ صرف موجوده ڪمپيوٽرن جو وڌيڪ تيز يا وڌيڪ طاقتور نسخو ناهي. هي معلومات پروسيس ڪرڻ جو بنيادي طور مختلف طريقو آهي۔
عام ڪمپيوٽر معلومات کي بِٽس (0 يا 1) ذريعي ترتيبوار پروسيس ڪندا آهن، جڏهن ته ڪوانٽم ڪمپيوٽر “ڪيو بِٽس” يا Qubits استعمال ڪندا آهن، جيڪي ساڳئي وقت 0، 1 يا ٻنهي جي نمائندگي ڪري سگهن ٿا. هن خاصيت کي Superposition چيو وڃي ٿو، جيڪا ڪوانٽم مشينن کي وڌيڪ پيچيده معلومات کي محفوظ ڪرڻ ۽ پروسيس ڪرڻ جي صلاحيت ڏئي ٿي۔
هن شعبي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج وڌيڪ مستحڪم فزيڪل ڪيو بِٽس ٺاهڻ آهي. اهي انتهائي حساس جزا عام طور تي انتهائي ٿڌي ۽ بلند ويڪيوم واري ماحول ۾ ئي صحيح ڪم ڪندا آهن، جتي غلطيون گهٽ ٿينديون آهن۔
“خبرداريءَ جي گولي”
مارچ ۾ شايع ٿيل هڪ تحقيق موجب مستقبل جا ڪوانٽم ڪمپيوٽر شايد ڪرپٽو ڪرنسي ۽ ٻين نظامن جي حفاظت ڪندڙ ٻئي نسل جي ڪرپٽوگرافي کي ٽوڙڻ لاءِ اڳوڻن اندازن کان گهڻو گهٽ ڪيو بِٽس جي ضرورت رکن. هي تحقيق گوگل جي ملازمن، ڪيليفورنيا يونيورسٽي، اسٽينفورڊ يونيورسٽي ۽ ايٿريم فائونڊيشن جي ماهرن گڏجي تيار ڪئي.
هن ٽيڪنالاجي کي Elliptic Curve Cryptography (ECC) چيو وڃي ٿو. اها RSA کان وڌيڪ پيچيده رياضي استعمال ڪري ٿي ۽ اهڙين مساواتن تي ٻڌل آهي جيڪي گراف تي وکريل لڪيرن جي صورت ۾ ظاهر ٿينديون آهن۔
گوگل 31 مارچ واري بلاگ پوسٽ ۾ چيو ته تحقيقاتي ٽيم ECC جي بنيادي رياضياتي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ گهربل فزيڪل ڪيو بِٽس جي تعداد ۾ تقريباً 20 ڀيرا گهٽتائي آندي آهي۔
گوگل موجب اڪثر بلاڪ چين ٽيڪنالاجيون ۽ ڪرپٽو ڪرنسيون هن وقت پنهنجي سيڪيورٽي جي اهم حصن لاءِ ECC تي ڀاڙين ٿيون. جيتوڻيڪ انهن لاءِ حل موجود آهن، پر انهن تي عملدرآمد ۾ وقت لڳندو، جنهن سبب هاڻي جلد قدم کڻڻ جي ضرورت وڌي وئي آهي۔ ڪيٿرين مُوليگن جيڪا امپيريل ڪالج لنڊن سان لاڳاپيل آهي، چيو ته هي تحقيق خاص طور ڪرپٽو ڪرنسي برادري لاءِ هڪ “خبرداريءَ جي گولي” آهي۔
هن چيو: “ڪرپٽو ڪرنسيون بنيادي طور انتهائي غيرمرڪزي نظام آهن. انهن کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي اتفاق راءِ ۽ انجنيئرن جي متفقه فيصلي جي ضرورت هوندي آهي، ۽ اڪثر اهي ان بابت گهڻو بحث ڪندا آهن.”
سٺي خبر
موليگن موجب سٺي خبر اها آهي ته آمريڪا ۽ برطانيا سميت ڪيترين حڪومتن پوسٽ-ڪوانٽم ڪرپٽوگرافي جا معيار جاري ڪري ڇڏيا آهن۔ اهي هدايتون بنيادي طور اهڙن سافٽ ويئر اپ گريڊن تي مشتمل آهن جيڪي روايتي طريقن جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ پيچيده رياضي استعمال ڪن ٿا. ان سان گڏ ڪجهه حڪومتون ۽ ڪمپنيون انتهائي حساس معلومات لاءِ Quantum Key Cryptography پڻ استعمال ڪري سگهن ٿيون۔
Quantum Key Cryptography ٻن ڌرين کي فزڪس جي قانونن جي بنياد تي محفوظ انڪرپشن ڪي قائم ڪرڻ جي سهولت ڏئي ٿي، نه ته ڪنهن رياضياتي مسئلي جي مشڪل هجڻ تي۔
Y2K سان ڀيٽ
ڪجهه محقق ڪوانٽم خطري کي Y2K يا “ملينيم بگ” سان ڀيٽين ٿا. 1999ع جي آخر ۾ خدشو هو ته ڪمپيوٽر 2000ع واري سال کي صحيح طريقي سان نه سمجهي سگهندا ۽ نظامن ۾ وڏي خرابي پيدا ٿي ويندي۔
موليگن چيو: “مون کي Y2K ياد آهي. اصل ۾ Y2K جو بحران ان ڪري نه آيو جو سڀني ماڻهن وقت تي سخت محنت ڪئي ۽ مسئلو حل ڪري ڇڏيو. منهنجي خيال ۾ ڪوانٽم خطري سان به شايد ساڳيو ٿيندو.”
ڪاروباري دنيا اڃا تيار ناهي
McKinsey & Company جي حوالن موجب 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪاروبار اڃا تائين ڪوانٽم سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ واضح روڊ ميپ نٿا رکن۔
2023ع ۾ هُڊسن انسٽيٽيوٽ جي هڪ رپورٽ اندازو لڳايو ته جيڪڏهن ڪوانٽم سائبر حملو آمريڪي فيڊرل ريزرو جي Fedwire ادائگي نظام کي نشانو بڻائي، ته ان سان مالي بحران ۽ ڇهه مهينن تائين معاشي مندي اچي سگهي ٿي۔
عام ماڻهن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
ڊَسٽِن مودي، جيڪو آمريڪي ادارينيشنل انسٽيٽيوٽآف اسٽينڊرڊ اينڊ ٽيڪنالوجي سان لاڳاپيل آهي، چيو ته وڏيون عالمي ڪمپنيون هن خطري کان واقف آهن ۽ تيزيءَ سان قدم کڻي رهيون آهن۔ سندس چوڻ هو: “هر ڪنهن کي هن بابت فڪرمند هجڻ گهرجي، پر عام ماڻهو کي في الحال ڪجهه خاص ڪرڻ جي ضرورت ناهي. انهن کي پنهنجي ٽيڪنالاجي فراهم ڪندڙن تي ڀروسو ڪرڻو پوندو.”
هن وڌيڪ چيو ته ننڍيون ڪمپنيون به صرف ايترو ڪن جو پنهنجي سافٽ ويئر ۽ خدمتن جي فراهم ڪندڙن کان پڇن ته ڇا انهن ڪوانٽم خطري بابت ضروري قدم کنيا آهن۔
طبي ڊوائيسز به خطري ۾
سيون جينگ جيڪا ماساچوئٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ پي ايڇ ڊي جي شاگردياڻي آهي، انسولين پمپ ۽ پيس ميڪر جهڙن وائرليس طبي ڊوائيسز کي مستقبل جي ڪوانٽم حملن کان محفوظ بڻائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي۔ تنهن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن انسولين پمپ سان ڳنڍيل اسمارٽ فون هيڪ ٿي وڃي ته ڪو حمله آور آسانيءَ سان خطرناڪ حڪم موڪلي سگهي ٿو، جهڙوڪ: “مهلڪ مقدار ۾ انسولين جاري ڪريو.”
جينگ ۽ سندس ساٿين هڪ انتهائي ننڍڙي مائڪروچپ تيار ڪئي آهي، جيڪا پوسٽ-ڪوانٽم سيڪيورٽي لاءِ گهربل تحفظ فراهم ڪري ٿي ۽ توانائي جي استعمال ۾ ٻين طريقن کان 20 کان 60 ڀيرا وڌيڪ ڪارائتي ثابت ٿي آهي۔
شايد حقيقي Q-Day اسان جي ڄاڻ کان اڳ اچي وڃي
تازو ڪوانٽم ٿريٽ ٽائيم لائين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪوانٽم خطري جو صحيح اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي، ڇو ته ڪجهه تحقيقاتي منصوبا ڳجهي طور رياستي ليبارٽرين، لڪل ڪمپنين يا خراب ارادن وارن گروهن پاران جاري ٿي سگهن ٿا۔
رپورٽ موجب: “ڇاڪاڻ ته اهڙيون ڳجهيون ڪاميابيون ڪجهه وقت تائين نظر نه اينديون، تنهن ڪري اهو فرض ڪرڻ وڌيڪ محفوظ آهي ته حقيقي خطرو شايد کليل تحقيق مان ظاهر ٿيندڙ اندازن کان وڌيڪ ويجهو هجي.”
رپورٽ آخر ۾ خبردار ڪري ٿي: “ممڪن آهي ته حقيقي Q-Day دنيا کي خبر پوڻ کان اڳ اچي وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه رياستون يا خراب ارادا رکندڙ عنصر هن ڄاڻ کي پنهنجي حڪمت عمليءَ جي فائدي لاءِ ڳجهو رکي سگهن ٿا.”(نوٽ هي رپورٽ سي اين اين تي شايع ٿي جيڪا اسين سندن ٿورن سان پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)
تبصرے بند ہیں۔