ڪراچي: گوگل آمريڪا جي ضابطي واري ادارن کان اجازت گهري آهي ته جيئن هو ڪيليفورنيا ۽ فلوريڊا ۾ 3 ڪروڙ 20 لک تائين جراثيم کان پاڪ (اسٽرلائيزڊ) مڇر ڇڏِي سگهي.
هن منصوبي جو مقصد انهن بيماريون ڦهلائيندڙ مڇرن جي آبادي گهٽائڻ آهي، جيڪي ڊينگي، زيڪا، چڪن گونيا، ويسٽ نائل وائرس ۽ مليريا جهڙيون بيماريون ڦهلائين ٿا.
فيڊرل رجسٽر ۾ شايع ٿيل نوٽيس موجب، آمريڪي ماحولياتي تحفظ واري ايجنسي (EPA) گوگل جي درخواست جو جائزو وٺي رهي آهي. درخواست تحت ڪمپني کي ٻن سالن تائين هر سال 1 ڪروڙ 60 لک مڇر ڇڏڻ جي اجازت ڏني ويندي.
ايجنسي عوامي راءِ وٺڻ واري مرحلي کان پوءِ، جيڪو 5 جون تائين جاري رهندو، پنهنجي فيصلي جو اعلان ڪندي.
هي منصوبو گوگل جي ڊي بگ (Debug) پروگرام جو حصو آهي، جيڪو ٽيڪنالاجي، ڊيٽا سائنس ۽ حياتياتي ڪنٽرول طريقن کي گڏ ڪري روايتي جراثيم ڪُش دوائن کان سواءِ مڇرن جي آبادي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
مڇرن جي ڪنٽرول لاءِ بيڪٽيريا تي ٻڌل طريقو
هي پروگرام اهڙن نر مڇرن کي ڇڏڻ تي ڌيان ڏئي ٿو، جيڪي وولباخيا (Wolbachia) نالي قدرتي بيڪٽيريا کڻي هلن ٿا. نر مڇر انسانن کي نٿا چڪين ۽ نه ئي بيماريون منتقل ڪن ٿا. (عام تاثر آهي ته سڀ مڇر چڪ پائين ٿا پر حقيقت ۾ ائين ناهي رڳو مادي مڇر ڇڪ پائي رت چوسيندا آهن)
جڏهن وولباخيا سان متاثر نر مڇر جهنگلي مادہ مڇرن سان ملن ٿا ته انهن مان پيدا ٿيندڙ آنا ڦُٽڻ ۾ ناڪام ٿين ٿا، جنهن سبب نئين نسل جي پيدائش روڪي وڃي ٿي. وقت سان گڏ، اهڙن مڇرن جي بار بار ڇڏڻ سان مقامي آبادي ۾ نمايان گهٽتائي اچي سگهي ٿي.
گوگل پنهنجي بلاگ ۾ هن عمل جي وضاحت ڪندي چيو آهي:
“هر نئين نسل سان مڇرن جي آبادي وڌيڪ گهٽ ٿيندي وڃي ٿي.”
هي حڪمت عملي خاص طور تي ايڊيس ايجپٽي (Aedes aegypti) نسل جي مڇرن کي نشانو بڻائي ٿي، جيڪي دنيا ۾ ڊينگي، زيڪا، پيلي بخار ۽ چڪن گونيا جي اڪثر ڪيسن جا ذميوار آهن.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته موجوده مڇر ڪنٽرول طريقن ۾ ڪجهه حدون آهن. ڪيميائي جراثيم ڪُش دوائون وقت سان گهٽ اثرائتيون ٿي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته مڇرن ۾ انهن خلاف مزاحمت پيدا ٿي وڃي ٿي، جڏهن ته خاص طور تي شهري علائقن ۾ سڀني افزائشي هنڌن جي سڃاڻپ ۽ خاتمو ڪرڻ به ڏکيو هوندو آهي.
مڇرن جي پيداوار ۾ ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جو استعمال
جيتوڻيڪ جراثيم کان پاڪ مڇر ڇڏڻ ڪنهن ٽيڪنالاجي ڪمپني لاءِ غير روايتي منصوبو لڳي سگهي ٿو، پر گوگل ڪيترن سالن کان ڊي بگ منصوبي تحت هن شعبي ۾ تحقيق ڪري رهي آهي.
هي پروگرام شروعات ۾ Verily Health جي نگراني هيٺ تيار ڪيو ويو هو، جيڪا Alphabet Inc. جي صحت ۽ حياتياتي سائنس واري شاخ آهي ۽ جيڪا گوگل ايڪس جي “مون شاٽ” منصوبن مان هڪ هئي. هن سال جي شروعات ۾ گوگل ڊي بگ کي مڪمل طور حاصل ڪري ورتو، جنهن کان پوءِ مڇرن جي ڪنٽرول وارو منصوبو سڌو سنئون ڪمپني جي نگراني هيٺ اچي ويو.
منصوبي سان لاڳاپيل انجنيئر ۽ سائنسدان مڇرن جي وڏي پيماني تي پيداوار لاءِ خودڪار نظام، سينسرز ۽ ڊيٽا اينالائيٽڪس استعمال ڪري رهيا آهن. اهم چئلينجن مان هڪ نر ۽ مادہ مڇرن کي ڇڏڻ کان اڳ الڳ ڪرڻ آهي.
ان مقصد لاءِ ٽيم مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ڪمپيوٽر ويزن سسٽم استعمال ڪري ٿي، جيڪو مڇرن جي سڃاڻپ ۽ ڇنڊڇاڻ انتهائي درستگي سان ڪري سگهي ٿو.
گوگل جو چوڻ آهي ته هي ٽيڪنالاجي يقيني بڻائي ٿي ته رڳو نر مڇر ئي ڇڏيا وڃن ۽ انهن کي “صححيح هنڌن تي ۽ صحيح تعداد ۾” مقرر ڪيو وڃي. ڪمپني وڏي پيماني تي حساس مڇرن جي سنڀال لاءِ خودڪار پرورش وارا نظام به تيار ڪيا آهن.
ڏهاڪا پراڻي سائنسي طريقي تي ٻڌل منصوبو
جيتوڻيڪ گوگل جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪري رهي آهي، پر بنيادي خيال نئون ناهي. هي طريقو اسٽرائل انسڪٽ ٽيڪنڪ (Sterile Insect Technique) تي ٻڌل آهي، جيڪو ڪيترن ڏهاڪن کان زرعي نقصانڪار جيتن ۽ بيماريون ڦهلائيندڙ حشرات جي ڪنٽرول لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي. تازن سالن ۾ محققن وولباخيا تي ٻڌل مڇر جراثيم ڪاري پروگرامن کي وڌيڪ اپنائڻ شروع ڪيو آهي.
في الحال هن منصوبي جو مستقبل ضابطي واري ادارن جي فيصلي تي دارومدار رکي ٿو، جڏهن ته EPA جائزو مڪمل ڪري عوامي راءِ گڏ ڪري رهي آهي ته ڇا انهن مڇرن جي ڇڏڻ جي اجازت ڏني وڃي يا نه.
تبصرے بند ہیں۔