ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد: :ملڪ ۾ ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ وڏي لاٿ جو امڪان آهي، ذريعن موجب 16 آڪٽوبر کان پيٽرول جي قيمت ۾ 6 روپيه 10 پئسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 97 پئسا في ليٽر لاٿ جو امڪان آهي.

گاسليٽ جي قيمت ۾ 2 روپيه 75 پئسا في ليٽر ۽ لائٽ ڊيزل آئل  جي قيمت ۾ 1 روپيه 64 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي. پيٽروليم انڊسٽري پنهنجي ورڪنگ مڪمل ڪري اوگرا ڏانهن اماڻي ڇڏي.

اوگرا اڄ شام پيٽروليم شين ۾ هيٺ مٿانهين جي سمري پيٽروليم ڊويزن جي ذريعي ناڻي واري وزارت ڏانهن اماڻيندو. ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان مشاورت کان پوءِ سڀاڻي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جي حتمي منظوري ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔