گهڻا پاڪستاني مرد بيوفا آهن، شادي ڪنهن پرڏيهي سان ڪندس: سعيده امتياز

لاهور:  پاڪستاني اداڪاره سعيده امتياز جي خيال ۾ گهڻا پاڪستاني مرد بيوفا هوندا آهن، انهي لاءِ مان سمجهان ٿي ته منهنجو شريڪ حيات پاڪستاني نه پر پرڏيهي هوندو.

سعيده امتياز تازو ئي هڪ نجي چينل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن محبت، شادي ۽ لاڳاپن جي باري ۾ کلي ڳالهيون ڪيون. ڳالهين جي دوران سعيده امتياز چيو ته منهنجي ويجهو محبت هڪ احساس جو نالو آهي، چاهي اهو ڪنهن به رشتي ۾ هجي.

هن چيو ته احساس سان سان ئي محبت وڌندي آهي، اڪثر مرد پنهنجي گهر وارين سان محبت جون دعوائون ڪندا آهن پر ٻاهر وڃي ٻين عورتن  سان به ساڳيا لفظ ورجائيندا آهن، جيڪڏهن باضمير مرد کي پنهنجي گهر واري جو احساس هوندو ته اهو ڪڏهن به ائين نه ڪندو.

سعيده امتياز موجب جڏهن رشتي ۾ احساس موجود هجي ته انسان جو ضمير انهي کي غلط رستي تي وڃڻ کان روڪيندو آهي انهي لاءِ ڪنهن به رشتي جي بنياد احساس تي ئي ٿيڻ گهرجي. شادي جي موضوع تي ڳالهيون ڪندي سعيده امتياز چيو ته مون کي ارينج ميريج ڊيڄاريندڙ لڳندي آهي. منهنجي خيال ۾ شادي کان پهريان زال مڙس ۾ هڪ جهڙائي هجڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته مان چاهيان ٿي ته منهنجي شادي محبت ۽ ارينج ٻنهي جو امتزاج هجي، يعني هو پاڻ پسند ڪندا پر معاملا گهر وارن جي مرضي سان ئي طئي ٿيندا.

سعيده امتياز وڌيڪ چيو ته مون کي لڳي ٿو ته منهنجو شريڪ حيات پاڪستاني نه هوندو ڇو ته منهنجي ذهن ۾ ڪيترائي سال پهريان ئي اهو خيال اچي چڪو آهي ته مان پاڪستاني مرد سان شادي نه ڪندس. پاڪستان جا گهڻا مرد بيوفا هوندا آهن. جڏهن ته پرڏيهه ۾ اهڙا معاملا تمام گهٽ ڏسڻ لاءِ ملندا آهن اتي هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ جي به اجازت نه هوندي. هن اهو به اعتراف ڪيو ته ڪجهه معاملن ۾ عورتون به قصوروار هونديون آهن.

سعيده امتياز چيو ته مون گهڻيون اهڙيون ڪهاڻيون ٻڌيون آهن جن ۾ هڪ ڀيڻ ٻئي ڀيڻ جو گهر برباد ڪيو انهي لاءِ ڇوڪرين کي شادي شده مرده جي بجاءِ ڪنوارن ڇوڪرن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن ته جيئن ڪنهن جو گهر خراب نه ٿئي.

اداڪاره اهو به ٻڌايو ته جڏهن مون کي شادي شده مرد شادي جو پيغام اماڻيندا آهن ته مون کي تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي آهي. مان اهڙن مردن کي فورن جواب ڏيندي آهيان ته اوهان جي گهر وارين کي اسڪرين شاٽ اماڻيندس جنهن کان پوءِ اهي مرد ٻيهر رابطو نه ڪندا آهن.

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔