ملڪ بهتر طريقي سان هلي رهيو آهي، ڪنهن به 27هين ترميم جي ضرورت نه آهي: اسحاق ڊار

لنڊن: نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ سٺو هلي رهيو آهي ڪنهن 27هين ترميم جي ضرورت نه آهي، اڃآن ته اسان 26هين ترميم کي ئي هضم ڪري رهيا آهيون.

لنڊڻ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اسحاق ڊار چيو ته معيشت ۾ بهتري ۽ استحڪام اچي چڪو آهي شهباز شريف جي قيادت ۾ بهترين ڪم  ٿي رهيو آهي.

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ملڪ سٺو هلي رهيو آهي، ملڪ کي ڪنهن 27هين ترميم جي ضرورت نه آهي. اسحاق ڊار برطانيه جي پارلياماني انڊر سيڪريٽري هميشه فالڪنر سان به ملاقات ڪئي جنهن دوران لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ اسٽريٽجڪ تعاون لاءِ نوان رستا ڳولڻ جي اهميت تي ڳالهيون ڪيون ويون.

انهي موقعي تي اسحاق ڊار ڪشمير مسئلي جو يو اين جي قراردادن موجب حل جي ضرورت تي به زور ڏنو. انهي کان علاوه اسحاق ڊار پاڪستان هاءِ ڪميشن لنڊن ۾ ايراضي رڪارڊ سروسز جي فراهمي ۽ ون ونڊو پاسپورٽ پروسيسنگ سسٽم جو به افتتاح ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔