اسلام آباد : صدر آصف علي زرداري چيو ته وڻ لڳائڻ هر شهري جو قومي فرض آهي. صدر آصف علي زرداري مون سون وڻ لڳائڻ جي مهم جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان هڪ اهڙي وقت ۾ ملڪ گير وڻ لڳائڻ جي مهم شروع ڪري رهيا آهيون جڏهن پاڪستان موسمياتي تبديلين جي سنگين خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي.صدر چيو ته هن سال آگسٽ کان آڪٽوبر تائين سڄي پاڪستان ۾ 41 ملين کان وڌيڪ وڻ لڳايا ويندا.هن چيو ته وڻ لڳائڻ جي مهم پاڪستان جي محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي ۽ وڻ ماحول لاءِ زندگي جي علامت ۽ موسمياتي تبديلي جي خلاف مضبوط ترين ڍال آهن.آصف علي زرداري چيو ته قوم جي ترقي ٻيلن ۽ قدرتي ماحول جي تحفظ تي منحصر آهي، ٻيلن جي ڪٽائي، وڌندڙ گرمي پد ۽ بار بار ايندڙ ٻوڏ لکين زندگين کي متاثر ڪري رهيا آهن.صدر چيو ته شهري هڪ سرسبز، صاف ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ وڻ لڳائين، هر پوکيل وڻ آفتن جي خلاف ڍال ۽ ايندڙ نسلن لاءِ زندگي جو ذريعو آهي.تازي ٻوڏ جي تباهين جو حوالو ڏيندي هن چيو ته تازي ٻوڏ ۽ برساتن ملڪ جي مختلف حصن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، اسان کي فيصلي واري انداز ۾ وڌيڪ کان وڌيڪ وڻ لڳائڻ جي ضرورت آهي. صدر زور ڏنو ته اسان کي گرين پاڪستان پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ گهرجي، سڀني ملڪ واسين کي وڻ پوکڻ جي مهم جي نيڪ مقصد ۾ حصو وٺڻ گهرجي، نوجوانن کي تبديلي جا سفير بڻجي وڻ پوکڻ جي مهم جي اڳواڻي ڪرڻ گهرجي ۽ هاري وڻ پوکڻ سان پنهنجي فصلن ۽ ماحول جي حفاظت ڪري سگهن ٿا.