پيٽرول کان پوءِ عوام مٿان ايل پي جي بم به ڪيرايو ويو

ڪراچي: پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کان پوءِ هاڻ ايل پي جي جي اگهن ۾ به 5 روپيه في ڪلو تائين واڌ ڪئي وئي آهي.رپورٽ موجب ايل پي جي انڊسٽريز ايسوسيئيشن پاڪستان جي چيئرمين عرفان کوکر چيو آهي ته ايل پي جي جي اگهن ۾ في ڪلو 5 روپيه واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ گهريلو سيلنڊر جي اگهن ۾ 50 روپيه جڏهن ته ڪمرشل سلنڊر جي اگهن ۾ 200 رويپه واڌ ٿي وئي آهي.عرفان کوکر چيو ته ايل پي جي جي اگهن ۾ هڪ هفتي دوران ٻيون ڀيرو واڌ ڪئي وئي آهي. حڪومت ايل پي جي جي اگهن ۾ واڌ جو فوري طور تي نوٽيس نه ورتو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔