عالمي برادري ڀارت کان ڪشمير ۾ ظلم جو حساب وٺي: وزيراعظم

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گڏيل قومون، انساني حقن جون تنظيمون ۽ عالمي ميڊيا وٽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جا ثبوت موجود آهن.تشدد جو شڪار ماڻهن لاءِ حمايت جي عالمي ڏينهن تي وزيراعظم عمران خان پيغام ڏنو آهي ته هو عالمي ڪميونٽي کي چوي ٿو ته ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جو حساب وٺن.وزيراعظم چيو ته والاريل ڪشمير جا ٻار ۽ عورتون سڀ ئي پيلٽ گن،جنسي تشدد، بجلي جي جهٽڪن ۽ تشدد کي منهن ڏئي رهيا آهن.هن جو چوڻ هو ته ڀارت جي انهن سمورن ظلمن جي حوالي سان گڏيل قومون، انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي ميڊيا وٽ ثبوت موجود آهن تنهن ڪري ظلم تي مسلسل خاموشي انساني حقن ۽ قانون جي خلاف آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔