حڪومت ڪجهه ڪري نٿي، فيصلا اسان جي ڳچيءَ وجهي ٿي: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ خانگي دائون ٺاهيندڙ ڪمپنين طرفان اگهن ۾ اضافي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان ۾ دوائون ٺاهيندڙ هڪ وڏي مافيا آهي، ڇا وفاقي ڪابينا دوائن جي اگهن بابت ڪو فيصلو ڪيو؟ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته معاملو ڪابينا نه پر ٽاسڪ فورس ڏانهن موڪليو ويو هو، جسٽس اغجاز الاحسن چيو لڳي ٿو ٽاسڪ فورس فيصلا ڪرڻ بجاءِ معاملي تي ويهي رهي آهي.چيف جسٽس چيو ته ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آخر ڇا پئي ڪري؟ حڪومت کي خبر ئي ناهي ته ڪرڻو ڇا آهي، اها صرف ڪاغذي ڪارروائي پئي ڪري، فيصلو ڪرڻ جي همت ناهي، حڪومت پاڻ ڪجهه ڪري نٿي، فيصلا ڪرڻ لاءِ معاملا اسان جي ڳچيءَ ۾ وجهي ٿي ڇڏي، دوائن جون ڪمپنيون هجن يا خريدار سڀ غير يقيني واري صورتحال ۾ پيا رهن، دوائن جون ڪمپنيون خام مال جي خريداري جي بهاني سمورو منافعو ٻاهر ٿيون موڪلي ڇڏين ٿيون.چيف جسٽس چيو ته افسوس ٿو ٿئي ته حڪومت ڪو به ڪم نٿي ڪري ڊريپ چوي ٿي مٺ گرم ڪيو ته سمورو ڪم ٿي ويندو، حڪومت پاڻ ڪو فيصلو ڪري نٿي بس رڳو هاءِ ڪورٽ جي فيصلن کي چئلينج ڪندي آهي.ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته خانگي ڪمپنين باسڪوپان نالي دوا مارڪيٽ مان غائب ڪري ڇڏي آهي، دوا جي قيمت نه ملي ته مارڪيٽ مان غائب ڪئي ٿي وڃي، خانگي ڪمپني اٺ دوائن جي قيمت وڌائي، ڊريب ايڪشن کنيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ منع نامو جاري ڪيو آهي.جسٽس اعجازلاحسن چيو آهي ته ڊريپ بروقت فيصلو نه ڪري ته مقرر وقت کانپوءِ پاڻ مرادو قيمت وڌيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔