ڪورونا کان متاثر ن جو انگ هڪ لک 95 هزار کان وڌي ويو

اسلام آباد: پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 2775 ماڻهو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا جنهن کانپوءِ ان وائرس جي مريضن جو انگ هڪ لک 95 هزار کان وڌي ويو.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سموري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 21 هزار 41 ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ 2 هزار 775 ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کانپوءِ متاثر ماڻهن جو انگ هڪ لک 95 هزار کان مٿي ٿي ويو جڏهن ته هن وقت 84 هزار 168 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.سرڪاري انگن اکرن موجب سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 75 هزار 168، پنجاب ۾ 71 هزار 987، خيبرپختونخواهه ۾ 24 هزار 303، بلوچستان ۾ 9 هزار 946، اسلام آباد ۾ 11 هزار 981، آزاد ڪشمير ۾ 962 ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 398 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.گذريل هڪ ڏينهن ۾ ڪورونا وڌيڪ 59 ماڻهن کان زندگي کسي ورتي جنهن کانپوءِ مري ويل ماڻهن جو انگ 3962 تائين پهچي ويو آهي.ڪورونا وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون آهن جتي هڪ هزار 629 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ هڪ هزار 178، خيبرپختونخواهه ۾ 879، اسلام آباد ۾ 19، گلگت بلتستان ۾ 23، بلوچستان ۾ 109، ۽ آزاد ڪشمير ۾ 25 ماڻهو ڪورونا وائرس جي ڪري فوت ٿي ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔