پيٽروليم شين تي ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ جي تياري

اسلام آباد : وفاقي حڪومت پيٽروليم شين تي ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ 5 رپيا ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ايندڙ مالي سال ۾ پيٽروليم ليوي 100 رپيا في ليٽر کان وڌيڪ ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. استعمال ٿيل گاڏين تي نئين گاڏين جي ڀيٽ ۾ 40 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس لڳايو ويندو، آءِ ايم ايف اڳوڻي فاٽا/پاٽا کي ڏنل ٽيڪس رعايت ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ڀاڻ تي جنرل سيلز ٽيڪس جي شرح لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته اهو قدم توانائي سبسڊيز کي فنڊ ڪرڻ ۽ گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ کنيو پيو وڃي. استعمال ٿيل گاڏين تي ڊيوٽي جي مجموعي شرح نئين گاڏين جي ڀيٽ ۾ 40 سيڪڙو وڌيڪ هوندي، جنهن ۾ هر سال هي فرق 10 سيڪڙو گهٽجي ويندو ۽ 2030 تائين مڪمل طور تي ختم ٿيڻ جي اميد آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔