ڪراچي: ٽرمپ جي ايران سان جوهري معاهدي جي اشاري کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿيڻ لڳو.
عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت ۾ 2 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي.
برطانوي ڪچو تيل برينٽ آئل 64 ڊالر ۽ آمريڪي ڪچو تيل ڊبليو ٽي آءِ 62 ڊالرن جي سطح تي اچي ويو آهي.
ياد رهي ته قطر جي دوري دوران ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته ايران سان جوهري ڊيل جي ويجهو پهچي چڪا آهيون.