اسلام آباد: ڀارتي جارحيت خلاف جوابي ڪارروائي، “آپريشن بنيان مرصوص” ۾ تاريخي فتح تي سڄي ملڪ ۾ يومِ تشڪر ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ ملڪ جي مختلف ننڍن ۽ وڏن شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون ۽ جلسا ڪري پاڪ فوج کي ڀارتي جارحيت کي منهن ڏيڻ تي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو.
يومِ تشڪر موقعي تي ڏينهن جي شروعات مسجدن ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ خاص دعائن سان ڪئي وئي، جڏهن ته وفاقي گادي واري هنڌ ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن تي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي.
اڄ قائداعظم ۽ اقبال جي مزارن تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب منعقد ڪئي ويندي، جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن تي جهنڊو چاڙهڻ جون تقريبون پڻ منعقد ڪيون پيون وڃن.
ملڪ بھر ۾ شهيدن جي يادگارن تي گل رکيا ويندا ۽ دعائيه تقريبون پڻ منعقد ڪيون پيون وڃن.
آپريشن بنيان مرصوص جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ خاندانن سان خاص ملاقاتون ڪيون وينديون، ۽ جمعي جي نماز دوران پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون پڻ ڪيون وينديون.