اسلام آباد: آءِ ايس پي آر (پاڪ فوج جو تعلقات عامه وارو شعبي) موجب، تازو آپريشن پاڪستان طرفان جديد ’فتح ون‘ ميزائل فائر ڪري شروع ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر فتح ون ميزائل هلائڻ جون ويڊيوز پڻ ميڊيا سان شيئر ڪيون، جيڪي سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيون آهن ۽ ’فتح ون‘ هن وقت پاڪستان جي مٿين ٽرينڊز ۾ شامل آهي.
فتح ون ڇا آهي؟
فتح ون ميزائل پاڪستان جو هڪ جديد، گهٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ هٿيار آهي، جنهن جي رينج 140 ڪلوميٽر تائين آهي. 24 آگسٽ 2021 تي مقامي سطح تي تيار ڪيل هن راڪيٽ سسٽم جو آزمائشي تجربو ڪيو ويو هو.
هي ميزائل زمين کان زمين تي مار ڪندڙ گائيڊڊ ميزائل آهي، جيڪو فتح سيريز جو حصو آهي. هن سيريز ۾ فتح ون کان سواءِ فتح ٽو به شامل آهي، جيڪو 400 ڪلوميٽر تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
آءِ ايس پي آر جي مطابق، فتح ون ميزائل 300 کان 500 ڪلوگرام تائين وار هيڊ کڻي سگهڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جيڪو ان کي وڏين تباھين لاءِ موزون بڻائي ٿو.
فتح ميزائل سيريز جا فني ۽ حربياتي فائدا
ڊاڪٽر منصور احمد، ڪينبرا جي نيشنل يونيورسٽي ۾ اسٽريٽجڪ ۽ دفاعي مطالعي جو ماهر، چوي ٿو ته فتح ميزائل پاڪستان جي راڪيٽ آرٽلري نظام ۾ هڪ جديد اضافو آهن. ان جو استعمال خاص طور تي ائيئر بيسز، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽرز، ايمونيشن ڊپو، لاجسٽڪ سپلائي لائنون ۽ دشمن جي فاروڊ ٽينڪ يا توپخاني تي جوابي حملن لاءِ ڪيو ويندو آهي.
ڊاڪٽر منصور موجب، فتح سيريز جو سڀ کان اهم پهلو هي آهي ته هي ميزائل دشمن جي فضائي دفاعي نظام کان ٻاهر، ”اسٽينڊ آف“ رينج مان فائر ڪري سگهجن ٿا. انهن ۾ “شوٽ اينڊ اسڪُوٽ” جي صلاحيت موجود آهي، يعني فائر ڪرڻ بعد فوري طور پنهنجو مقام تبديل ڪري سگهن ٿا. ان ڪري، دشمن کي انهن جو پتو لڳائڻ يا جواب ڏيڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو.
هن ميزائل نظام کي آمريڪي HIMARS (High Mobility Artillery Rocket System) سان مشابهت ڏني وئي آهي، جيڪو يوڪرين جي جنگ ۾ به انتهائي درستگي سان استعمال ٿي رهيو آهي.
ڊاڪٽر منصور وڌيڪ چيو ته فتح ميزائل سيريز مڪمل طور تي مقامي سطح تي تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري مستقبل ۾ ان جي فراهمي يا پيداوار ۾ ڪو مسئلو نه ٿيندو. هن ٻڌايو ته فتح سيريز ۾ فتح ون، ٽو، ٿري ۽ فور شامل آهن. فتح ون ۽ فتح ٽو ٻنهي جون رينجز 400 ڪلوميٽر آهن ۽ اهي فوجي آپريشنز ۾ استعمال ٿي رهيون آهن، جڏهن ته فتح فور تي ڪم جاري آهي، جنهن جي رينج 700 ڪلوميٽر هوندي.
فتح ميزائل جو منفرد حملي جو طريقو
اسلام آباد ۾ مقيم دفاعي تجزيه نگار سيد محمد علي موجب، فتح ميزائل سپر سونڪ آهن (يعني آواز جي رفتار کان تيز هلن ٿا) ۽ انهن جي سڀ کان خاص خوبي “ٽرمينل اسٽيج تي مينُووريبلٽي” آهي. يعني، هدف تي پهچڻ کان بلڪل اڳ، ميزائل پنهنجي رخ کي بدلائي سگهن ٿا.
هو مثال طور چوي ٿو ته:
“جنهن ريت ڪرڪيٽ ۾ وقار يونس جي ليٽ سوئنگ بالنگ بيٽسمين کي چَڪُمو ڏئي ڇڏيندي هئي، تيئن ئي هي ميزائل فضائي دفاعي نظام کي چَڪُمو ڏئي ڇڏين ٿا. جيستائين دفاعي سسٽم ردعمل ڏيکاري، ميزائل پنهنجو رخ تبديل ڪري چڪو هوندو آهي، جنهن ڪري ان کي روڪڻ تقريباً ناممڪن ٿي وڃي ٿو.”
انڊيا جي ٽن-سطحي دفاعي نظام کي چئلينج
سيد محمد علي موجب، انڊيا جو دفاعي نظام ٽن سطحن تي ٻڌل آهي:
پهريون پرت: روس کان ورتل S-400، جنهن جي رينج 300-400 ڪلوميٽر آهي
ٻيو پرت: اسرائيل جو براق-8 ميزائل سسٽم
ٽيون پرت: ڀارت جو پنهنجو تيار ڪيل ’آڪاش‘ سسٽم
سيد محمد علي دعويٰ ڪئي ته فتح ون ٽرمينل اسٽيج تي پنهنجي تيزي، درستگي ۽ رخ بدلائڻ واري صلاحيت سان انڊيا جي انهن ٽنهي دفاعي نظامن کي ناڪام بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان جو شمار پاڪستان جي فل اسپيڪٽرم ڊيٽرنس حڪمت عملي جي سڀ کان ننڍي مگر اهم ميزائل طور ڪيو وڃي ٿو.
فتح ميزائل جو اثرائتو نتيجو – ايئر بيسز کي هدف بنائڻ
سيد محمد علي چيو ته، جيڪڏهن فتح ميزائل سان ڪنهن ايئر بيس تي حملو ڪيو وڃي ته: هي ميزائل هزارين بومبليٽس يا ننڍڙن بارودي گولن جي برسات وسيلي رن ويز کي تباهه ڪري ڇڏين ٿا، جنهن ڪري اتي موجود جهاز اڏامي نٿا سگهن، جيستائين رن ويز ٻيهر بحال نه ٿين. (هي اسٽوري بي بي سي اردو جي ٿوتن سان پيش ڪجي ٿي).
