اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي 2 ڏينهن جي دوري تي ترڪيه روانو ٿي ويو آهي.
سرڪاري خبنرون ڏيندڙ اداري موجب وزيراعظم سان گڏ ترڪيه جو دورو ڪندڙ وفد ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات وارو وزير عطاءُالله تارڙ ۽ خاص صلاحڪار طارق فاطمي به شامل آهن.
وزيراعظم شهباز شريف دوري جي دوران ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٻطرفن لاڳاپن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، خطي ۽ ان کان ٻاهر جي تازي اڳڀرائي تي ڳالهيون ڪيون وينديون.
پراڻن اتحادين ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيوارن جي حيثيت سان پاڪستان ۽ ترڪيه باقاعدگي سان اعليٰ سطحي تبادلن جي روايت کي برقرار رکن ٿا جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي غير معمولي رستن جي عڪاسي ڪري ٿو