واشنگٽن :وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولائن ليوٽ چيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ چاهي ٿو ته هارورڊ يونيورسٽي معافي وٺي. هاورڊ يونيورسٽي کي وفاقي قانونن جي تعميل ڪرڻ گهرجي.ڪيرولائن ليوٽ پنهنجي بيان ۾ چيو ته هارورڊ کي ڪاليج ڪيمپس ۾ يهودي آمريڪي شاگردن خلاف يهودي دشمني تي معافي وٺڻ گهرجي.ڪالهه، هارورڊ يونيورسٽي، جيڪا آمريڪا جي معروف يونيورسٽين مان هڪ آهي، ٽرمپ انتظاميا جي ڪيترن ئي مطالبن جي تعميل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ٽرمپ انتظاميا يونيورسٽي کي چيو هو ته شاگردن ۽ فيڪلٽي جي اختيارن کي گهٽايو وڃي، پرڏيهي شاگردن جي خلاف ورزين جي فوري طور تي وفاقي اختيارين کي رپورٽ ڪئي وڃي، ۽ هر تعليمي شعبي جي نگراني لاءِ هڪ ٻاهرين ايجنسي يا شخص کي نوڪري تي رکيو وڃي.هارورڊ يونيورسٽي جي صدر انهن مطالبن کي غير قانوني قرار ڏيندي چيو ته حڪومت کي اهو فيصلو ڪرڻ جو اختيار ناهي ته خانگي يونيورسٽيون ڇا سيکارين، انهن کي ڇا تحقيق ڪرڻ گهرجي، ۽ ڪنهن کي داخلا ڏيڻ يا ملازمت ڏيڻ گهرجي.