اسلام آباد: وفاقي وزير آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام شزا فاطمه خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسان دنيا سان هم آهنگ نه ٿياسين ته اڪيلا ٿي وينداسين، شزا فاطمه اِها ڳالهه اسلام آباد ۾ هڪ ڪاروباري اجلاس کي خطاب ڪندي چئي، اهي موسمياتي تبديلي، معاشي بحران، ۽ سياسي عدم استحڪام جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ٽيڪنالاجي زراعت، صحت، تعليم، واپار ۽ پيداوار ۾ اهم تبديليون آڻي رهي آهي.هن اهو به چيو ته ٽيڪنالاجي اڄ اسان جي زندگي جي هر شعبي جو حصو آهي، سيڪيورٽي ۽ معاشي منظرنامو سڀ تيزي سان تبديل ٿي رهيا آهن، ۽ اسان ڊجيٽل دنيا مان نڪري مصنوعي ذهانت جي دنيا ۾ داخل ٿي رهيا آهيون.