دهشتگردي جو نشانو بڻيل جعفر ايڪسپريس جي 3 بوگين مان صفائي دوران دستي بم هٿ

ڪوئٽه: دهشتگردي سبب متاثر ٽرين جعفر ايڪسپريس جي 3 بوگين مان صفائي جي دوران دستي بم هٿ ڪيا ويا آهن.

پوليس موجب جعفر ايڪسپريس جون بوگيون گذريل رات ڪوئٽه ريلوي اسٽيشن تي پهچايون ويون جن مان 3 بوگين مان 4 دستي بم هٿ آيا آهن جن مان هڪ کي ناڪاره بنايو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ کي به ناڪاره بنايو پيو وڃي.

ريلوي ذريعن موجب گذريل رات پهچايل بوگين کي ريلوي لوڪوشيڊ پهچايو ويو آهي جتي انهن جي مرمت ڪئي ويندي. ٻئي طرف ڪوئٽه کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس سڀاڻي روانو نه ٿيندي. جعفر ايڪسپريس جي مرمت جو ڪم اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته صفائي جا معاملا به اڃان رهيل آهن. ريلوي ڪنٽرول موجب مرمت ۽ صفائي جو ڪم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ئي ٽرين جي روانگي ممڪن ٿي سگهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔