عدليه، پارليامينٽ، انتظاميه سڀ زوال جو شڪار، نوجوانن مان اميد آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته عدليه، پارليامينٽ ۽ انتظاميه سڀ زوال جو شڪار آهن، ۽ هاڻي اميدون صرف نوجوان نسل سان آهن.عدالت سينٽرل سپيريئر سروسز (سي ايس ايس) جا نتيجا جاري ڪرڻ کان اڳ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) کي نوان امتحان منعقد ڪرڻ کان روڪڻ جي درخواست تي پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ورتو ،ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته پاڪستان ۾ رهڻ مسلسل جنگ آهي، هتي 24 کان 25 لک ماڻهو آهن، ويڙهاڪ وڌيڪ آهن ۽ بچندڙ گهٽ آهن.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عدليه رياست جو ٿنڀ آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته رياست جو ستون هوا ۾ آهي، پر هو مايوس نه ٿيو آهي، هن چيو ته مون سميت 45 سالن کان مٿي عمر جا ماڻهو ناڪارا آهن، نوجوانن کي ئي هن ملڪ لاءِ ڪجهه ڪرڻو آهي،هن چيو ته عدليه، پارليامينٽ ۽ انتظاميه سڀ زوال پذير ٿي چڪا آهن، ۽ هاڻي صرف اميد نوجوان نسل سان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔