هڪ تحقيق ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هٿيرادو ذهانت ( اي آءِ ) خلا جي موسمي اڳڪٿي ۾ روايتي طريقن کان وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي ٿي.
جنيوا يونيورسٽي جي تحقيق موجب، هٿرادو ذهانت کي حقيقي وقت جي سينسر ڊيٽا ۽ تاريخي ڄاڻ سان گڏ تجزيو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ماهرن موجب،ان طريقي سان جغرافيائي طوفانن جي اڳڪٿي ممڪن بڻجي سگهي ٿي، جيڪي زمين جي سيٽلائيٽ سسٽم ۽ پاور گرڊ تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا.
تحقيق موجب، ماهرن مئي 2024ع ۾ سامهون آيل شمسي طوفانن جي ڊيٽا وٺي اي آءِ تي آزمائش ڪئي، جنهن شمسي شعلن ۽ ڪورونل ماس ايجيڪشن جي صحيح اڳڪٿي ڪئي.
تحقيق ۾ اِها ڳالهه پڻ نوٽ ڪئي وئي ته هٿرادو ذهانت شمسي سرگرمين ۾ اهڙا نمونا سڃاڻي سگهي ٿي، جيڪي روايتي اوزارن سان معلوم ڪرڻ مشڪل آهن.