وزيراعظم هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئٽه پهچي ويو، زخمي جوانن جي عيادت ڪندو

ڪوئٽه: وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئٽه پهچي ويو آهي، جتي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل ۽ وڏي وزير مير سرفراز بگٽي وزيراعظم جو استقبال ڪيو.

پريس ونگ پرائم منسٽر آفيس اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ڪوئٽه جي دوري دوران گذريل ڏينهن قلات ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ بهادري سان وڙهندي زخمي ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن جي عيادت ڪندو.

ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف ڪوئٽه ۾ صوبائي قيادت سان ملاقات ڪندو انهي موقعي تي کيس امن امان جي حوالي سان بريفنگ به ڏني ويندي.

نائب وزيراعظم ۽ ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وزير خواجه آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير عطاءُالله تارڙ ۽ توانائي  وارو وزير اويس لغاري به وزيراعظم سان گڏ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔