ججز ڪميٽي جو ميمبر آهيان ان باوجود مون کي اجلاس جي خبر نه پئجي سگهي: جسٽس منصور علي شاهه

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته مان ڪميٽي جو ميمبر آهيان پر مون کي به ججز ڪميٽي جي اجلاس جي خبر نه پئجي سگهي.

سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچز ۽ ريگولر بينچز جي اختيارن جي معاملي تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ جي سامهون بيرسٽر صلاح الدين پيش ٿيو.

بيرسٽر صلاح الدين پنهنجي موقف ۾ چيو ته ڪراچي مان انهي لاءِ آيو آهيان ته اڄ ڪيس ٻڌڻي جي لاءِ مقرر نه ٿيو. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ نذر عباس پيش ٿي ٻڌائي، ٻڌائي ته اڄ ڪيس ڇو ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ٿي سگهيو

مختصر وقفي کان پوءِ ٻيهر ٻڌڻي تي ڊپٽي رجسٽرار سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته ججز ڪميٽي اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪيس 27 جنوري تي آئيني بينچ جي سامهون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. جسٽس منصور ريمارڪس ڏنا ته مان ججز ڪميٽي جو ميمبر آهيان، مون کي به ججز ڪميٽي جي اجلاس جي خبر نه پئجي سگهي.

ڊپٽي رجسٽرار چيو ته ججز ڪميٽي اجلاس جو فيصلو فائل سان گڏ لڳل آهي. جسٽس عائشه ملڪ چيو ته اسان جي سامهون ڪيسز ٻڌڻي لاءِ مقرر هئا، پوري هفتي جا اسان جي سامهون فڪس ڪيس تبديل ٿي ويا، انهي جا به تفصيل ٻڌايو.

جسٽس منصور شاهه ڊپٽي رجسٽرار سپريم ڪورٽ کان پڇاڻو ڪندي چيو ته اسان کي ججز ڪميٽي اجلاس جا منٽس ۽ ڪيسز تبديل ڪرڻ جي باري ۾ تفصيل ٻڌايو، ججز ڪميٽي اجلاس جا ميٽنگ منٽس به کڻي اچو.

ڊپٽي رجسٽرار چيو ته ايڊيشنل رجسٽرار جي طبيعت صحيح نه هئي اهو موڪل تي آهي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته جيڪو ڪيس مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو اهو ڇو نه مقرر ٿي سگهيو؟

جسٽس عائشه ملڪ چيو ته جوڊيشل آرڊر کي انتظامي ڪميٽي ڪيئن نظر انداز ڪري سگهي ٿي؟ جسٽس عقيل عباسي چيو ته ڇا عدالتي حڪم  ڪميٽي جي سامهون رکيو ويو هو؟ ڊپٽي رجسٽرار چيو ته عدالتي حڪم ڪميٽي ۾ پيش ڪيو ويو هو. جسٽس عائشه ملڪ چيو ته پوري هفتي جي ڪاز لسٽ ڇو تبديل ڪئي وئي؟ اسان ٽيڪس جا ڪيسز مقرر ڪري رکيا هئا جيڪي تبديل ڪيا ويا. ڪاز لسٽ ڇو تبديل ڪئي وئي ڪا لکت ۾ هدايت آهي ته اها پيش ڪريو.

جنهن کان پوءِ عدالت سڳوري ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل کي توهين عدالت جي تحت شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو. عدالت چيو ته ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي وضاحت ڏئي ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي 9 وڳي پهرين نمبر تي ڪنداسين، جنوري تي عدالت هدايت ڪئي هئي ته 20 جنوري تي هڪ وڳي ڪيس ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔