پرڏيهي وزارت مختلف ملڪن لاءِ نون سفيرن جي مقرري واري سمري وزيراعظم ڏانهن اماڻي ڇڏي

اسلام آباد: پرڏيهي وزارت مختلف ملڪن جي لاءِ نون سفيرن جي مقرري جي سمري وزيراعظم شهباز شريف ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.

سمري موجب رحيم حيات قريشي جي برسلز ۾ پاڪستاني سفير ۽ سفير براءِ يورپي يونين مقرري جي تجويز ڏني وئي آهي.

سمري ۾ زاهد حفيظ چوڌري کي انڊونيشيا ۾ پاڪستان جو نئون سفير مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي.  سمري موجب عبدالحميد بهڻه جاپان، معظم شاهه ڏکڻ ڪوريا، ملڪ فاروق ڏکڻ آفريقا، عادل گيلاني مراڪش ۽ حيدر شاهه کي نيدرلينڊز ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

انهي کان علاوه عادل شوڪت مصر، مرغوب سليم بٽ سوئٽزرلينڊ ۽ شهريار اڪبر کي چيڪ ري پبلڪ ۾ سفير مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. پرڏيهي وزارت موجب سمري جي منظوري وزيراعظم شهباز شريف ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔