9 مئي تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ کان انڪار، پي ٽي آءِ جي مطالبن تي جواب تيار

اسلام آباد: حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف جي مطالبي تي 9 مئي سانحي تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي پي ٽي آءِ جي مطالبن جا جواب تيار ڪري ورتا آهن، حڪومتي ڳالهين واري ٽيم تحريڪ انصاف جي مطالبن تي شق وار جواب تيار ڪيو آهي.ذريعن موجب حڪومت طرفان لکت جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته 9 مئي جي واقعن تي جوڊيشل ڪميشن نٿو بڻجي سگهي. جوڊيشل ڪميشن اهڙن معاملن ۾ بڻجندو آهي جيڪو عدالت ۾ بحث هيٺ نه اچن. 9 مئي ڪيسز عدالتن ۾ آهن. ڪجهه جوابدارن کي ملٽري ڪورٽس مان سزائون به ملي چڪيون آهن.ذريعن ٻڌايو آهي ته حڪومت جي لکت واري جواب ۾ پي ٽي آءِ کي چيو ويو آهي ته 26 نومبر بابت گم ٿيل ماڻهن جي فهرست ۽ گرفتار ماڻهن جا تفصيل فراهم ڪيا ويندا. گرفتار ماڻهن جا نالا تفصيل نه ملڻ تائين انهن کي آزاد ڪرڻ جي لاءِ ڪيئن قدم کڻي سگهجي ٿو.ذريعن موجب حڪومتي جواب ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي دعويٰ آهي ته فوتگيون ٿيون انهن جا به تفصيل فراهم ڪيا وڃن. حڪومتي ڪميٽي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي پنهنجا لکت جا جواب پيش ڪندي. اسپيڪر حڪومتي جواب ملڻ تي ڳالهين جي لاءِ چوٿون اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪندو.ياد رهي ته حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ٽئين اجلاس ۾ پي ٽي آءِ لکت ۾ مطالبا حڪومت کي پيش ڪيا هئا جنهن ۾ 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي جوڊيشل ڪميشن کان علاوه عمران خان سميت ٻين پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔